Ashtiaque Ansari
سنڌ جي مشهور ليکڪـ، ڪھاڻيڪار، محقق، سفرناما نگار، ماھر آثار قدیمہ، اينٿراپالاجسٽ اشتياق انصاري 30 جنوري 1952ع تي سنڌ جي مشهور ليکڪـ انيس انصاري جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ھن مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان سول انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي، ان کان پوءِ مختلف نوڪريون ڪيون، ھن جو تعلق علمي ادبي خاندان سان آهي، سندس والد صاحب انيس انصاري به مڃيل ڪھاڻيڪار، ليکڪ ۽ سول سرونٽ ھو، سندس خاندان جا ٻيا فرد، سندس ڀائر اخلاق انصاري، اسحاق انصاري به وڏا ليکڪ آهن، سندس گهر واري محترمه شبنم گل به پروفيسر، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪـا آهي، اشتياق انصاري گھڻي ڀاڱي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، ھن تحقيق جي سلسلي ۾ ڪيترائي سفر ڪيا، سياست سان به سلھاڙيل رهيو، جيل به ويو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ٻه جلد)، خيما کاهوڙين جا، اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ (ناول)، ووڙيم سڀ وٿاڻ، انيس انصاري فن ۽ شخصيت، ڌرتي ماتا، جتي ماڻڪ ماڳ، جيل ڊائري وغيره شامل آهن..