Ghulam Qadir

 

سنڌ جي مشهور شاعر غلام قادر ولد محمد صديق المعروف امر ساھڙ 5 فيبروري 1962ع تي ڳوٺ ٿاڌات ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو، ھن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، امر ساھڙ درس تدريس جو ڪم ڪيو، بي ايڊ ۽ ٻيون ٽيچرس ٽريننگز به ڪيائين، امر ساھڙ شاعري ڪئي آهي ته نثر به لکيو آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: اکين ۾ الڪا (شاعري)، خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيو اسڪرپٽ)، صحرا مون ۾ ساھه کڻي ٿو (شاعري) شامل آهن، امر ساھڙ سنڌي ادبي سنگت سان به سلھاڙيل رهيو آهي، ميرپورخاص جو ضلعي رابطه سيڪريٽري به رهيو آهي، ھن ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي ڪمپيئرنگ به ڪئي..

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!