Shabir Ali Shah Hatif

 

شبير هاتف:

شبير هاتف جو اصل نالو شبير علي شاهه ۽ سندس والد جو نالو سيد الهه بخش شاهه هو. سندس جنم 28 صفر 1359 هجري مطابق  4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ ۾ ٿيو. هي ڪافي جي ڀلوڙ شاعر حافظ شاهه جو ڏوهٽو، قاضي اسدالله شاهه ”فدا“ جو پوٽو، غلام رسول شاهه ”سوز“ ٽکڙائي جو ڀاڻيجو، سيد ميران محمد شاهه جو ڀائيٽو، حافظ شاهه ”ناطق“ حسيني ۽ اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني جو ننڍو ڀاءُ، امداد حسيني جو سئوٽ هو. پرائمري تعليم ٽکڙ جي حافظن جي مڪتب مان حاصل ڪيائين. فارسي جي شروعاتي تعليم حافظ عبدالله ”بسمل“ کان ورتائين. جنهن بعد قاضي عبدالقيوم هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1957ع ۾ پاس ڪيائين. 1963ع  سنڌ يونيورسٽي مان جيالاجي ۾  بي.ايس. سي (آنرز) ڪيائين. 1970ع ۾ لنڊن يونيورسٽي مان هائيڊرو جيالاجي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري ورتائين. 1963ع کان 1973ع تائين واپڊا ۾ جيالاجسٽ طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪم ڪيائين. 1973ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنت پروفيسر ۽ نيشنل بُڪ فائونڊيشن ۾ ڊائريڪٽر طور صلاحيتون ڪتب آندائين. 1973ع کان 1976ع تائين پاڪستان فارين سروس پاران آستريليا ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1976ع کان 1978ع تائين چيف سائينٽيفڪ آفيسر طور ڊي آر آءِ پي ۾ ڪم ڪيائين. 1979ع کان 1980ع تائين هنٽنگ ٽيڪنيڪل سروس لنڊن طرفان هائيڊرو جيالاجسٽ جي حيثيت سان لنڊن، عمان، يمن ۽ سعودي عرب ۾ ڪم ڪيائين. 1980ع کان 1987ع تائين هائيڊرو جيالاجسٽ ماهر جي عهدي تي جده (سعودي عرب) جي ملڪ عبدالعزيز يونيورسٽي ۾، 1987ع کان 1988ع تائين مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ساڳئي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1988ع کان 1989ع تائين سينيئر هائيڊرو جيالاجسٽ جي حيثيت سان سعودي عرب جي شهر رياض ۾ الرياض ڊويلپمينٽ اٿارٽي ۾ رهيو. ان بعد ڪويت ۾ انسٽيٽيوٽ فار سائنٽيفڪ ريسرچ جي اداري ۾ ريسرچ جي ماهر طور هڪ سال کن فرائض سرانجام ڏنائين. بعد ۾ وري سعودي جيالاجيڪل سروي ۾ ايڊوائيزر طور ڪم ڪيائين. ريٽائرمينٽ بعد پنهنجي ذاتي گهر ۾ زندگيءّ بسر ڪيائين. ٽکڙ جي زرخيز سرزمين جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکڻ سبب شاعري جي ڏات سان سلهاڙيل ۽ ان ساڳئي عشق جي ڪيفيت جو تسلسل رهيو. شبير هاتف شاعرن جي ان نسل مان هو جن نه رڳو مشاعري جي روايت کي برقرار رکيو پر پنهنجي سوچ ۽ خيال سان شاعري جا سمورا بند ٽوڙي ڪو وڏو نالو پيدا ڪرڻ بدران شاعري جي مڃيل فني حدن اندر پنهنجي خيال کي سمائي شاعري جي فن جو احترام نڀايو. هن شاعري جي الف بي پنهنجي ڀاءَ اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني کان سکي ۽ بعد ۾ شاعري جي باقاعده تربيت محمد خان ”غني“ کان ورتي. مولانا گرامي جي اصلاح ۽ همت افزائي سندس ڪلام کي ڪمال بخشيو. ٽکڙ جي شاعرن جي پوئلڳي ڪندي هن جي شاعري انهن جي خاص رنگ ۾ رچيل رهي. شبير هاتف غزل جو پختو شاعر رهيو، سندس شاعري ۾ روايتي ”رنگ ۽ بو“ مڙئي سرس آهي. سندس ڪلام ۾ مئه، شراب، ساقي ۽ مئخاني جو گهڻو ذڪر آهي. سندس شاعري جا ٻه مجموعا ” نيڻن ۾ ڏياريون“ ۽ ” جهڙو پوپٽ جو پرُ “  شايع ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻولي جو هي ڀلوڙ شاعر ۽ اديب 5 فيبروري 2023ع بمطابق 13 رجب المرجب 1444 هجري آچر تي رات جي پوئين پهر ۾ دارلبقا ڏي روانو ٿي ويو. 

5 فيبروري 2023ع

آچر جو ڏينهن

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!