Abdul Hakeem Arshad
سنڌ جي مشهور شاعر عبدالحڪيم ارشد 13 جون 1939ع تي ضلعي نواب شاهه ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ پاس ڪري درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين، ھن رومانوي سان گڏ قومي ۽ مزاحمتي شاعري به ڪئي آهي، سندس شاعري وحيد علي، سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي، الھڏني جوڻيجي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڏيئا ڏات جا، آجپي جي گيت جهڙي شاعري، ڳالھيون من اندر جون وغيره شامل آهن، ھن 6 فيبروري 2018ع تي وفات ڪئي..