Sirla Devi

 

 

 

 

 

 

سرلا دیوی

11 فیبروری  :  یوم وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور شاعره، سماجي شخصيت ڊاڪٽر سرلا ديوي 9 اپريل 1915ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، ھن شروعاتي تعليم شڪارپور مان ۽ ميڊيڪل جي تعليم امرتسر مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ رتيديري شهر جي ميونسپل اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مقرر ٿي، ھن سنڌ جي مشهور ليکڪـ ديوان امرت راءِ جئسنگهاڻي “سام” سان شادي ڪئي، ھنن ”اڪبر آشرم پبليڪيشنز“ جي نالي سان پنهنجو پبليڪيشن جو ادارو قائم ڪيو، ان دوران ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿي ويو پر هنن ڪنهن به صورت ۾ سنڌ نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، رتيديري کي ئي پنهنجي مستقل رهائش گاهه بڻايو ۽ علائقي واسين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون، هن پنهنجي گهر واري سام سان گڏ “جيتامڙي جي ڊائري” جي عنوان سان ڪتاب لکيو، سندس ٻيو ڪتاب “سام سان به گهڙيون” جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، سرلا ديوي زبردست موسيقار ۽ فنڪاره به ھئي، راڳ ۽ هارمونيم وڄائڻ جي سکيا ورتي هئائين، ھن 11 فيبروري 1975ع تي پر لوڪ پڌاريو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!