Thakur Chawla

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪـ، ڪھاڻيڪار، اديب ٺاڪر چاولا 18 فيبروري 1931ع تي ڪراچي سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل تعلق سنڌ جي علائقي سچل سرمست جي نگري درازا شريف ضلعي خيرپور سان ھو، ورھاڱي کان پوءِ خاندان سان گڏ بمبئي ھليو ويو، ھن ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، پر سندس اصل سڃاڻپ ڪھاڻيڪار جي آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شادي جي پهرين رات، اڄ جون ڪهاڻيون، سنڌي ڪهاڻيون وغيره شامل آهن، ھي روزاني اخبار هندستان، هفتيوار هند واسي، ماهوار سپون جو ايڊيٽر رهيو، ھن بمبئي ۾ “سيتا سنڌو ڀون” جي عنوان سان ميوزيم قائم ڪيو، ھن ليکڪا پارو چاولا سان شادي ڪئي، 15 ڊسمبر 2013ع تي پرلوڪ پڌاريو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!