Abida Parveen

راڳ جي راڻيءَ عابده پروين 20 فيبروري 1958ع تي ماسٽر غلام حيدر شيخ جي علي گوهرآباد لاڙڪاڻي واري گهر ۾ موسيقي واري ماحول ۾ جنم ورتو،  سندس امڙ جو نالو (ممتاز بيگم ) هو، جيڪا پڻ ڳائڻ وڄائڻ واري ڪرت سان لاڳاپيل هئي، عابدہ پروين کي ننڍي وهي کان وٺي ڳائڻ سان بي انتهاهه لڳاءَ  هيس، گهر منجهه جڏهن به سر ۽ ساز جو آواز ڪنن تي پوندو هو ته پنهنجي والد کان رهنمائي وٺڻ لاءِ سرن کي ڇيڙي داد حاصل ڪرڻ ۾  ڪڏهن به نه ڪيٻايائين، ھن موسيقي جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم استاد سلامت علي خان کان ورتي، سون تي سهاڳو اھو ٿيو جو گھر وارو به راڳ جو ڄاڻو شيخ غلام حسين مليس، جنھن جي صحبت رچي ريٽو ڪيس، سرن سازن جي هن دنيا ۾ هن سونهن ڀري سڄي سنسار ۾  موجوده دور ۾ اهڙو ته هن نالو ڪمايو آهي جو اڄ ڏينهن تائين سندس مٽ ثاني ناهي ٿيو، کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن مان لطيف ايوارڊ، شھباز ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، وفاقي حڪومت پاران صدارتي تمغہ برائي حسن ڪارڪردگي، تمغہ امتیاز قابل ذڪر آهن، سندس اولاد م پرھ، مریم حسین ء سارنگ لطیف شامل آھن۔

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!