Mehrulnisa Larik
سنڌ جي مشهور ليکڪـا، شاعره ۽ تعليمي ماهر مھرالنساء لاڙڪ 5 جنوري 1950ع تي جنم ورتو، مھرالنساء لاڙڪ سنڌ جي بھترين شاعره سان گڏ سٺي ليکڪا، بھترين استاد ۽ ھر ڪنھن کي اتساهيندڙ طبيعت جي مالڪ ھئي، سڄي زندگي درس تدريس سان لاڳاپيل رھي، جتان پروفیسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين، سندس 2 ڪتاب “رنگن جا اوجاڳا” ۽ “ڏور به اوڏا سپرين” ڇپيل آهن، رنگن جا اوجاڳا شاعري جو مجموعو ۽ ڏور به اوڏا سپرين انڊيا جو سفرنامو آهي، جيجي مھرالنساء لاڙڪ سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري رھڻ سان گڏوگڏ مختلف ڪميٽين جي ميمبر به رهي، ھن 28 فيبروري 2016ع تي ھي جھان ڇڏيو..