Qadir Bux Mitho
سنڌ جي مشهور مزاحیہ فنڪار، اداڪار، پئروڊيئن، ڪاميڊين قادر بخش مٺو 22 فيبروري 1956ع تي سنڌ جي علمي ادبي رند بلوچ خاندان ۾ ڪوٽڙي اڳوڻي ضلعي دادوءَ ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو، کيس ننڍي هوندي کان ئي فن ۽ اداڪاري جو شوق هو، ھن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات پنهنجي چاچي، پاڪستان ٽيليويزن جي اعلي آفيسر عبدالڪريم بلوچ جي چوڻ تي ڪوٽڙي ۾ ھڪ اسٽيج تان ڪئي، ان کان پوءِ ھن سڄي ملڪ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ھن فن جي شروعات ته پنهنجي ڏڍ تي ڪئي پر پوءِ محمد فقير مسخري کان رھنمائي حاصل ڪئي، قادر بخش مٺو ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي آهي، کيس مختلف جانورن جا آواز ڪڍڻ ته وڏي مھارت آهي، ھن ملڪ کان سواءِ جرمني، روس، گڏيل عرب امارات سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي..