Sheela Ramani

 

شیلا راماٹی

2 مارچ 1932  جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ننڍي کنڊ جي مشهور سنڌياڻي اداڪارا شيلا راماڻي 2 مارچ 1932ع تي ڀريا ضلعي نوابشاهه سنڌ ۾ جنم ورتو، ھي شيلا ڪيولراماڻي جي نالي سان به سڃاتي ويندي آهي، شيلا انڊين فلمن جي اداڪارا ھئي، کيس فلم پروڊيوسر چيتن آنند متعارف ڪرايو، کيس فلم “ٽيڪسي ڊرائيور” کان شھرت ملي، شيلا راماڻي 1950ع ۾ مس شملا به بڻي، ھن اڪثر وڏ گهراڻن جا ڪردار ادا ڪيا، ھلڻ چلڻ، کائڻ پيئڻ ۽ صبا ۾ به وڏ گهراڻي جي لڳندي هئي، ھن پاڪستاني فلمن ۾ به ڪم ڪيو، سندس شمار پاڪستان جي شروعاتي اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو، شيلا راماڻي شاديءَ کان پوءِ آمريڪا منتقل ٿي وئي، پر ھن پنھنجا آخري ڏينهن مڌيا پرديش ۾ گذاريا، جتي ھن 15 جولائي 2015ع تي وفات ڪئي، سندس مشهور فلمن ۾ سنڌي فلم اباڻا، سرنگ، ٽيڪسي ڊرائيور، تين بتي، نوڪري، مينار، ريلوي پليٽ فارم، انوکي، جنگل وغيره شامل آهن..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!