Kamreed Jaam Saqi

 

 

 

 

 

ملڪ جي مشهور سياستدان، ليکڪ، صحافي ڪامريڊ ڄام ساقي 31 آڪٽوبر 1946ع تي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو، ھن مختلف تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي، سندس تعليم پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ھئي، ڪامريڊ ڄام ساقي ننڍپڻ کان ئي سياست شروع ڪئي، مختلف تنظيمن جو عھديدار رهيو، زندگيءَ جو وڏو حصو روپوشي ۽ جيل ۾ گذاريائين، مٿس ملڪي بغاوت جا ڪيس به داخل ٿيا، سياسي سرگرمين دوران ڄام ساقي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو به رهيو، ھن ٽي اخبارون به جاري ڪيون، جن ۾ هلچل (سنڌي)، سرخ پرچم (اردو)، جدوجهد (اردو) شامل آهن، ڪامريڊ مختلف پارٽين سان رھيو، پر سندس اصل سڃاڻپ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ طور رھي، ھن ٻچن جي پيٽ گذر خاطر مختلف نوڪريون به ڪيون، ڪجهه وقت پاڪستان پيپلزپارٽي سان به رھيو، صوبائي صلاحڪار به رهيو، سندس مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ کاهوڙي کجن، سنڌ جي شاگرد تحريڪ، چکين جي چيت ڪري، ضمير جا قيدي وغيره شامل آهن، ھن 5 مارچ 2018ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!