Khair ul Nisa Jafri

خیر النساء جعفری

4 مارچ یوم وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 اڄ سنڌ جی   مشهور ليکڪـا، ڪھاڻيڪاره، تعليمي ماهر ۽ منفرد شخصيت جي مالڪ جيجي ميڊم خيرالنساء جعفري جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، ميڊم خيرالنساء جعفري جو تعلق تلھار جي ان خواجہ ڪميونٽي سان ھو، جنھن اسان کي شمشير الحيدري جھڙو شاعر ڏنو، ميڊم خيرالنساء جعفري ان ئي خاندان ۾ 17 آگسٽ 1947ع تي جنم ورتو، ھن نفسيات جي مضمون ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽرس ڪئي ۽ ان ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پوءِ ليڪچرار مقرر ٿي، ترقي ڪري پروفيسر ٿي، ھن شاگردي واري زماني کان ئي لکڻ شروع ڪيو، سندس پھرين ڪھاڻي 1974ع ڌاري رسالي “سوجھرو” ۾ ڇپي، پوءِ سندس ڪھاڻيون آرسي، سھڻي سميت وقت جي سڀني رسالن ۾ ڇپيون، سندس لکيل ڪھاڻين جو پهريون مجموعو “تخليق جو موت” ستر واري ڏهاڪي ۾ ڇپيو، ڪھاڻيڪاره کان سواءِ ميڊم تمام بهترين مقرر ھئي، ڪنهن به پروگرام ۾ شريڪ ماڻهن کي ميڊم خيرالنساء جعفري جي ڳالھائڻ جو انتظار ھوندو ھو، ھن مضمون به لکيا، مختلف ڪتابن جا مھاڳ لکيا ته سفرناما به لکيا، سندس مختلف لکڻين تي مشتمل ڪتاب” منهنجو تخليقي سفر” جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ميڊم خيرالنساء جعفري ھڪ تمام باوقار شخصیت جي مالڪ، ھيلپنگ مائينڊيڊ ۽ ھر ڳالھ منھن تي چئي ڏيندڙ ھئي، جيڪا ڳالھ سندس مخالف به مڃيندا ھئا، ٻھروپين ۽ منافقن سان نه لڳندي ھيس، ميڊم خير النساء جعفري سائين ظفر حسن جيان جنرل ضیاء الحق جي اھل قلم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ ميڊل وٺندڙ سنڌ جي ليکڪن ۽ شاعرن سان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو، بلڪ کين “جنرل ضیاء جون سدا سھاڳڻيون” سڏيندي ھئي، تمام گهٽ ماڻهن کي خبر ھوندي ته ميڊم خير النساء جعفري تي به جنرل ضياء الحق جي سڏايل پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڏا دٻاءُ وڌا ويا، پريشان ڪيو ويو، يونيورسٽي جي نوڪري وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، پر ميڊم پنهنجي اصول تان ذرو به نه ھٽي، سندس شخصيت تي لکيل خاڪن کي نصير مرزا سھيڙي ڪتاب ڇپرايو آهي، جڏھن ته اسان جي ڀيڻ، “سرتـيون” جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا سرتـيون جو “خير النساء جعفري نمبر” به تربيت ڏئي ڪڍيو، ميڊم خيرالنساء جعفري کي ھڪ ئي نياڻي صائمہ جعفري جو اولاد آهي، جيڪا به پنهنجي عظيم ماءُ وانگر پڙهڻ لکڻ ۽ درس تدريس سان لاڳاپيل آهي ۽ پڻ پنهنجي ماءُ وانگر کري طبيعت جي مالڪ آهي، ميڊم خير النساء جعفري 4 مارچ 1998ع تي ھي جھان ڇڏيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!