Prof: Wahid Qamar

 

 

 

 

 

 

پروفیسر قمر واحد

4 مارچ : جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر، علمي، ادبي، سماجي شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر قمر واحد 4 مارچ 1938ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مشهور علمي، ادبي قاضي خاندان ۾ جنم ورتو، ھن مئٽرڪ، انٽر حيدرآباد مان، گريجوئيشن ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي، ھن پوءِ آمريڪا مان به تعليم حاصل ڪئي هئي، ڊاڪٽريٽ ڪيائين، ڊاڪٽر قمر واحد جو شمار حيدرآباد جي شروعاتي چند پڙهيل لکيل عورتن ۾ ٿئي ٿو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر قمر واحد سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، ترقي ڪري پروفيسر ٿي، ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ، ڊين فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، پرنسپال ماڊل اسڪول، انچارج وائس چانسلر آف يونيورسٽي آف سنڌ رھي، ڊاڪٽر قمر واحد جي سڄي فيملي آمريڪا ۾ رهي ٿي، پاڻ به ڪجهه وقت آمريڪا ۾ رهي پر موٽي آئي، ھن 19 مارچ 2022ع تي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو ۾ آخري پساھ کنيا..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!