Syed Rashid Ali Shah

 

 

 

 

 

 

 

 

راشد مورائی

5 مارچ : جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور شاعر سيد راشد علي شاھ ولد سعيد علي شاھ المعروف راشد مورائي 5 مارچ 1944ع تي موري ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو، ھن 1962ع کان تعليم کاتي ۾ ٽيچر جي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي، پرائيويٽ پڙهڻ جو سلسلو به جاري رهيو، ھن مختلف ٽيچرس ٽريننگ سان گڏ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس به ڪئي، راشد مورائي ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، راشد مورائي شاعري جي ھر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي، راشد مورائيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ (سنڌڙيءَ جو سوداءُ، ميـنديءَ سـندا کيـت، دل جـو شهـر، شعلا شعلا واءُ ۾، ديوان راشد، ڪافيون، گيت، غزل، دل جي دلجوئي، ڏات جي ڏيھ ۾، پـاڻيءَ تي پهرو، راشد سان رهاڻ، خط خوشيءَ مان کول) وغیرہ شامل آهن، سندس شاعري ۽ نثر جا اڃان ڪافي ڪتاب ڇپجڻا آهن، راشد مورائي مختلف اڪيڊميز، استاد تنظيمن، رسالن، سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رهيو، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو، راشد مورائيءَ جي شاعري، رحمان مغل، جلال چانڊيو، ڦوٽو زرداري، صنم ماروي، ديبا سحر سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن 24 مارچ 2014ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!