Abdul Fattah

 

 

 

 

 

سنڌ جي خوبصورت شاعر عبدالفتاح “عبد” بٺورائي 19 مارچ 1933ع تي ميرپور بٺوري، اڳوڻي ضلعي ٺٽي، موجوده ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعلیم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، گريجوئيشن ۽ علم سياسيات ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد ايل ايل بي ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي علم سياسيات جي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ان کان اڳ ڪجهه وقت رائيس مل ڪارپوريشن ۾ به نوڪري ڪئي، ھن شاعري ڪئي ته نثر به لکيو، سندس لکڻيون نئين زندگي، مھراڻ سميت پنھنجي دور جي سڀني مشھور رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون، سندس شاعريءَ جي مجموعي يا ڪنهن نثري ڪتاب جي باري ۾ مون کي خبر ناهي، ڪنهن دوست کي خبر ھجي ته ضرور شيئر ڪري، هن 10 مارچ 2001ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!