Ayaz Patoli
1 min readنيٺ اياز پاٽولي ھن جھان مان موڪلائي ويو پاڻ پوري عمر ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪندا رھيا آخر ۾ پنھنجي اڀري سڀري ڪاروبار ۾ مصروف رھيا ڪجھ مھينا پھرين بيمار ٿيا آھستي ڪمزور ٿيندا ويا نيٽ 13مارچ سومر 2023ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيائون انسائيڪلوپيڊيا آف ٽنڊومحمد خان۾سندس زندگي بابت لکيو سين ھو بھو ڏئي رھيو آھيان
اياز پاٽولي:سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب کي فروغ ڏيندڙ اديب ۽ ليکڪ اياز پاٽوليءَ 2 اپريل 1939ع تي ٽنڊي محمد خان شهر جي پاٽولي پاڙي ۾پيدا ٿيو. سندس اصل نالو محمد هاشم پاٽولي آهي. هن ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1964ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو، جڏهن ته 1954ع کان اياز پاٽوليءَ جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي. سڀ کان پهرين سندس واسطو ” ٻارن جي محفل“ سان رهيو، بعد ۾ جنوري 1957ع ۾ ”اداره گلشن ادب“ جو قيام عمل ۾ آڻي ان جي پليٽ فارم تان ٻاراڻا اشاعتي سلسلا جاري ڪيائين. هن جولاءِ 1960ع ۾ ”بزم گلشن سنگت“ جو به قيام عمل ۾ آندو، جنهن جون سموري سنڌ ۾ 45 شاخون قائم ٿيون ۽ اٽڪل ويهه هزار ماڻهو ان تنظيم جا ميمبر بڻيا. سندس تنظيم ’اداره گلشن ادب‘ پاران ٻارن لاءِ ڇپيل ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ 300 (طبعزاد توڙي ترجمو/ترتيب )آهي. جن ۾: ’هيرن جو هار‘، ’گلابي مکڙيون‘، ’ گلڙن جو گلدستو‘،’ماڻڪ ۽ موتي‘، ’سڳنڌ‘،’ ٽڙيل گل‘، ’هڪ ڏينهن جو بادشاهه‘، ’ اڏامندڙ گهوڙو‘،’هٻڪار‘،’پنکڙيون‘،’جيڏانهن پير،تيڏانهن خير‘،’ماڪ ڀنا گل‘ ۽ ٻيا شامل آهن.هن 77-1976ع ۾ ’ٻارن جو ڊائجسٽ‘ ۽ ’ گلشن ڊائجسٽ‘ نالي سان ٻارن جا ڊائجسٽ به جاري ڪيا. سنڌي ادبي سنگت، اداره سنڌي ادب، اداره چراغ ادب، ٻارڙن جي ٻاري، اداره گلزار ادب، گلن جهڙا ٻارڙا ۽ اداره حب الوطن جهڙن ادارن سان پڻ سلهاڙيل رهيو. کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پير مظهر الحق جي تعليمي وزارت واري دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. ازدواجي حوالي سان سندس شادي پنهنجي سئوٽ سان 1968ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس ڇهن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. 2008ع ۾ اکين جي آپريشن سبب ادبي سرگرمين کان پاسيرو آهي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ خاموشي واري زندگيءَ پيو گذاري. پنهنجي آتم ڪٿا به سرجيل اٿس، جيڪا اڃا شايع نه ٿي سگهي آهي. بورڊ اٿارٽي