Ghulam Ali Sandilo

 

 

 

 

 

غلام علی سندیلو

11 مارچ 2013:  تاریخ وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور فنڪار غلام علي سنديلي  11 مارچ 2013ع تي وفات ڪئي، غلام علي سنڌيلي 1958ع ڌاري روهڙيءَ ۾ حسين بخش سنڌيلي المعروف لونگ فقير جي گهر ۾ جنم ورتو، لونگ فقير به پنهنجي دور جو وڏو فنڪار هو، ھن مائي بيگم فقيرياڻي ۽ سھراب فقير سان گڏ به ڳايو، لونگ فقير جي جوڙي سندس ئي ڀاءُ قلندر بخش سنڌيلي سان ٺهيل ھئي، پنھنجي وقت جي مشهور جوڙي ھئي، ورھاڱي کان اڳ سندن گرامون به رڪارڊ ٿيا، غلام علي سنڌيلي روایتي تعليم روهڙيءَ مان حاصل ڪئي، جڏھن ته موسيقي جي سکيا پنهنجي والد ۽ چاچي کان حاصل ڪئي، وڌيڪ سکيا ننڍي کنڊ جي مشهور فنڪار استاد خورشيد علي خان کان ورتي، ھن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان خيرپور کان ڪئي، ان کان پوءِ ٻين ريڊيو اسٽيشنس ۽ پاڪستان ٽيليويزن تان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، غلام علي سنديلي جون ڪيتريون ئي آڊيو وڊيو ڪئسٽون رڪارڊ ٿيون، ھن سنڌ جي سڀني صوفي فنڪارن سان گڏ سنڌ جي جديد شاعرن جي شاعري به ڳائي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!