Mai Begum Faqeerani

 

 

 

 

 

 

مائی بیگم فقیریاٹی

12 مارچ 1915 : جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 سنڌ جي ھڪ مشهور ۽ پنهنجي منفرد انداز واري فنڪاره مائي بيگم فقيرياڻيءَ  12 مارچ 1915ع تي هارون فقير ميربحر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد به فقير منش ماڻهو ھو، سندس ڪرت بتيلو ھلائڻ، مڇي مارڻ ۽ پنهنجي مرشد هنباھ جي درگاهه تي حاضري ڏيڻ ۽ مٽيون ڀرڻ ھو، ساڳي ڪرت بيگم فقيرياڻي به شروع ڪئي، اتان ئي کيس فيض مليو ۽ سڄي زندگي فقيري ۾ گذاريائين، ھن ئي درگاهه کان ڳائڻ شروع ڪيائين، سندس لاڙو عارفاڻي ۽ صوفي شاعري ڏانهن ھو، ان وقت لونگ فقير (غلام علي سنڌيلي جو والد)، سھراب فقير، گلشن زنگيجو، گل حسن فقير تر جا مڃيل فنڪار ھئا، مائي بيگم فقيرياڻي نه صرف پنهنجي پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر انهن سان گڏ سنگ ۾ ڳائيندي هئي، بيگم فقيرياڻي فنڪاره کان سواءِ سٺي شاعره به هئي، مائي صاحبه ريڊيو پاڪستان کان سواءِ مختلف ڪئسٽ ڪمپنين وٽ به رڪارڊنگ ڪرائي، سندس مشهور ڪلامن ۾ جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي، جوڳي ٿا جاڳن، ڏوران ٿا ڏسجن، ڪير ڪشالا ڪري، پٽ نه پنهوار، دنيا جا تونگر هڪ پاسي وغيره شامل آهن، مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي اولاد جي به سٺي تعليم ۽ تربيت ڪئي، سندس پٽ پروفيسر درگاھي ميراڻي سنڌ جو سٺو ليکڪ ٿيو، سندس پوٽو اختر درگاهي به سٺو ليکڪ، شاعر ۽ فنڪار آهي، ان پنهنجي ڏاڏي مائي بيگم فقيرياڻي جي سوانح عمري “حال فقيري” جي عنوان سان لکي آهي، مائي صاحبه 13 اپريل 1987ع تي ھي جھان ڇڏيو..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!