Mazhar Bhatti
سينيئر جيئميسٽ, قومپرست اڳواڻ مظهر ڀٽي موڪلائي ويو.
تحرير: اعظم ڀٽي
مظهر ڀٽي جو نالو نه رڳو ٽنڊو محمد خان پر لاڙ پٽي توڙي سموري سنڌ ۾ جي ايم سيد جي نظرياتي پيروڪار طور ڪنهن کان به ڳۡجهو ناهي رهيو, سموري سنڌ کيس ماما مظهر ڀٽي جي نالي سان ياد ڪندي آهي. شعوري عمر جي شروعات ۾ جيئن ئي سيد جي فڪر سان سلهاڙيو ته آخري پساهن تائين ان ئي فڪر تي پۡختگيءّ سان بيٺل رهيو. مظهر ڀٽي جي والد جو نالو خدا بخش ڀٽي هو، سندس جنم 4 جولاء 1963ع تي دادو ضلعي جي شهر ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ پيارو آرائين ۾ ٿيو، اُتي ئي شروعاتي تعليم حاصل ڪري, بعد ۾ لڳ ڀڳ ستر جي ڏهاڪي ڌاري سندس خاندان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش پذير ٿيو. سياست جي شروعات قومپرست شاگرد سياست کان ڪيائين, پوء جيئي سنڌ محاذ, سنڌ قومي اتحاد ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين, 1988ع ۽ 1990ع جي لساني فسادن توڙي 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي بيماري دوران جيئي سنڌ هلچل ۾ سندس مثبت ۽ متحرڪ ڪردار تحسين لائق رهيو, سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي بعد جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ پڻ تمام گهڻو سرگرم رهيو, سائين جي ايم سيد جي ورسي جي مناسبت سان 1996ع کان ٽنڊي محمد خان مان سن طرف نڪرندڙ پيادل قافلن جو رۡوح روان رهيو, جسقم ۾ ڌڙابندي بعد جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿي, ان جو مرڪزي اڳواڻ رهيو, مظهر ڀٽي, سائين جي ايم سيد جو نظرياتي پيروڪار سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ پنھنجو ساھ ۽ پساھ ڏيندڙ قومپرست سياست جو ھڪ وڏو نالو ۽ نوجوانن لاء اۡتساهه جو سبب رهيو, هۡن هڪ هڪ نظرياتي ورڪر طور فڪر سيد جا لاتعداد نظرياتي ڪارڪن پيدا ڪيا, ڌرتيءَ سان بي انتها محبت جي ڪري ” گۡم ٿيلن ” يعني مسنگ پرسنس جي اوائلي فهرست ۾ شامل هو, ان سبب ٽارچر سيلن جون بي انتها سختيون برداشت ڪيائين ۽ ان ئي پاداش ۾ دل, هاء بلڊ پريشر, شگر سميت ڪيترين ئي بيمارين ۾ سوگهو ٿي ويو, دل جو باء پاس ڪرايائين, سيد جي فڪر تان ڪڏهن به هڪ انچ به نه هٽيو, روپوشيءّ جي زندگيءّ گۡذارڻ کان وٺي ٽارچر سيلن ۽ جيل جا عذاب ڀوڳڻ باوجود سيد جي فڪر تي اٽل رهيو. 2010ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو ميمبر بڻيو, ڪيترائي ڀيرا سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جي چونڊ ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. قومي سوچ واري سفر ۾ مايوسي بجاء هميشه اميد ۽ حوصلي جي هٿيار سان مصلح رهيو, اسٽڊي سرڪل به هلايائين ته وري نوجوانن کي ڪتابن پڙهڻ واري لاڙي طرف راغب ڪرڻ لاء هر وقت جاکوڙيندو رهيو, تعليم کاتي مان هڪ بهترين استاد طور ريٽائرمينٽ ورتائين, بعد ۾ سمورو ڌيان مطالعي طرف رهيس. ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد کيس اڄ صۡبح جو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ انڊس اسپتال ٽنڊي محمد خان جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو, جتي ھن وقت زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهندي, 7 مارچ 2023ع مطابق 14 شعبان المعظم 1444 هجري, اڱاري جي ڏينهن, منجهند ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس هڪ پۡٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي, سندس فرزند جو نالو سرواڻ ڀٽي آهي, سندس جنازو رات جو ساڍي اٺين وڳي سول اسپتال روڊ وٽان کنيو ويندو, کيس ٽنڊي محمد خان جي پير شارفو قبرستان ۾ مٽي ماءۡ حوالي ڪيو ويندو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي, ضلعي رابطا سيڪريٽري آغا جان آغا, شاخ ٽنڊي محمد خان جي سيڪريٽري رفيق آس لغاري, اعجاز علي جسڪاڻي, گل خاصخيلي, مختيار نظاماڻي, عاشق علي ڳاهو, ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي ۽ ٻين مظهر ڀٽي جي لاڏاڻي تي گهري ڏۡک جو اظهار ڪندي شاخ ٽنڊي محمد خان پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
اعظم ڀٽي, ٽنڊو محمد خان