Moulana Abdul Ghafoor

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان ھزارين مان نه رڳو

تنھنجي شاھي دسترخوان مٿي، مھمان ھزارين مان نه رڳو

مفتون ھمایونی

سنڌ جو مشهور شاعر ۽ بزرگ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني مولانا محمد يعقوب پيچوهو جي گهر ۾، ڳوٺ ھمايون ضلعي شڪارپور ۾، 7 مارچ 1844ع تي جنم ورتو، سندس وڏا اصل بلوچستان جي علائقي جهٽ پٽ مان اچي شڪارپور ۾ رھيا،  عبدالغفور مفتون ابتدائي تعليم پنهنجي والد صاحب مولانا محمد يعقوب کان حاصل ڪئي، جيڪو پنهنجي دور جو مشهور استاد ھو، وٽانس ڪيترن ئي تعليم حاصل ڪئي، والد جي وفات کان پوءِ باقي تعليم مولانا سلطان محمود سيتپوري کان حاصل ڪيائين، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي والد جي ھمايون ۾ ڇڏيل مدرسي ۾ پڙھائڻ لڳو، جتي بلوچستان ۽ سنڌ جا ڪيترائي وڏا عالم سندس شاگرد ٿيا، عبدالغفور مفتون سٺو استاد، بزرگ، عالم دین ۽ روحاني رهبر ھو، ان کان سواءِ سٺو شاعر به هو، ھن شاعري ۾ ميان محمود پاٽائي کان رھنمائي ورتي، ھن سنڌيءَ کان سواءِ عربي، فارسي، سرائڪي، هندي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي، سندس ڪافي شاعري محفوظ نه ٿي سگهي آهي، سندس شاعري جا مجموعا ”بياض مفتون“ ۽ ”ديوان مفتون“ جي عنوانن سان ڇپيل آهن، شاعري کان سواءِ ھن ڪافي نثر به لکيو آهي، وٽس ڪتابن جو به وڏو ذخيرو ھو، جن ۾ ڪافي ملڪن جا، مختلف ٻولين ۾ ناياب قلمي نسخا به موجود هئا، جيڪي شايد محفوظ نه رهي سگهيا، ھن 2 فيبروري 1918ع تي ھي جھان ڇڏيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!