Ishaque Samejo

 

 

 

 

 

 

 

 

پروفیسر اسحاق سمیجو

جنم تاریخ : 18 مارچ 1975

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، محقق، صحافي اسحاق سميجي 18 مارچ 1975ع تي دادو ۾ جنم ورتو، ھن مئٽرڪ مخدوم طالب المولئ ھاء  اسڪول دادو، انٽر،  گورنمينٽ ڪاليج جوهي مان ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪئي، تعليم مڪمل ڪري سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ترقي ڪري پروفيسر ۽ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿيو، ان دوران هن “ترقي پسند تحريڪ” جي عنوان سان ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي ڪئي، اسحاق سميجو مرزا قليچ بيگ جو انچارج چيئرمين، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو ڊائريڪٽر به رهيو آهي، ھن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين آهي، اسحاق سميجي لکڻ جي شروعات ٻاروتڻ ۾ ٻاراڻي ادب کان ڪئي، ٻارڙن جي ماهوار رسالن ” گلستان” ۽ “سنڌ رنگ” جو ايڊيٽر رهيو، ڪالم نگاري ڪئي، ڪھاڻيون لکيون، پر ھن جي سڃاڻپ شاعري آهي، سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، اسحاق سميجو روزاني ”سنڌ“ جو اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ادبي پروگرام “ادبي سنگت” جو ڪمپيئر رهيو آهي، هن وقت مشھور ادبي رسالو “سارنگا” سندس نگراني هيٺ ڇپجي رهيو آهي، اسحاق سميجي جي ڇپيل ڪتابن ۾: دنيا جون لوڪ آکاڻيون، تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون، صدا بيچين آهي (شاعري)، دل جو رستو (ترتيب)،  گيڙُو ويس غزل (شيخ اياز)، شاعريءَ سان دشمني (تنقيد)، گناھه جا گيت (شاعري)، ھڪڙي هئي بينظير (شخصيت)، ناءُ هلي آءُ گيت کڻي (شيخ اياز)، ڪورائي جو ڪلام (ترتيب)، اکر پڙھ الف جو (ٻارن لاءِ شاھ لطيف جي شاعري)، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ (شاعري شيخ اياز)، صادق فقير: توکان ٿيندي ڌار (ترتيب)، اياز، شيام، استاد، (شاعري)، مور نگر تي مينهن (شاعري) وغیرہ شامل آهن..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!