Naseem Thebo

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي مشھور ليکڪا، ڪھاڻيڪارہ، تعليمي ماهر ميڊم نسيم ٿيٻو پھرين اپريل 1948ع تي علمي، ادبي، سياسي خاندان ۾ جنم ورتو، ھن جي والد جو نالو مير عبدالباقي ٿيٻو ۽ ماءُ جو نالو بادام ناتوان ھو، جيڪا به وڏي پڙهيل لکيل، ڪھاڻيڪاره، ليکڪا ھئي، نسيم ٿيٻو اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، جتي ترقي ڪري پروفيسر ٿي، ھن ملڪ جي مشهور سياستدان، قانوندان ۽ ڏاھي رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻن ڌيئرن تانيا ۽ انيتا جو اولاد ٿيو، نسيم ٿيٻو گھٽ لکيو، پر جيڪو لکيو معياري لکيو، سندس ڌيئرون به اھل ادب آهن، سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘’اُڀر چنڊ پس پرين’‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل آهي، ھن 19 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!