Sadque Faqeer

 

 

 

 

 

 

 

 

صادق فقیر

جنم تاریخ : 20 مارچ 1966

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور فنڪار صادق فقير 20 مارچ 1966ع تي جنم ورتو، جڏهن ته 26 فيبروري 2015ع تي سعودي عرب ۾ ھڪ روڊ حادثي سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو ھو، سنڌ جي علائقي ٿر ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير جي مادري ٻولي مارواڙي ھئي، ھن راڳ جي سکيا پنهنجي مامي بخش فقير کان حاصل ڪئي، ھن ڳائڻ جي شروعات پيرل پياسي جي شاعري ۽ محمد جمن جي ڳايل اسم “آھي بيوفا ھي سارو زمانو” سان ڪئي، پر کيس شھرت اياز گل جي اسم “تو کان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري” کان پوءِ ملي، صادق فقير سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن سميت جديد شاعرن جي شاعريءَ کي به ڳايو، ھن سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ اردو، پنجابي، سرائڪي، مارواڙيء ۾ به ڳايو، سندس آواز ۾ ٿر جو لوڪ رنگ موجود ھو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!