Shorai Badashah
سورھ بادشاھ
20 مارچ یوم شھادت
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سورھ بادشاهه پیر صبغت ﷲ شاهه راشدي کي 20 مارچ 1943ع تي شھيد ڪيو ويو هو، پير صاحب 1909ع ڌاري جنم ورتو، صرف 12 سالن جي عمر ۾ گادي ڌڻي ٿيو، انگريزن خلاف ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏيائين، ان ڪري انگريزن قتل جي ھڪ ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتس، سندس وڪيل قائد اعظم محمد علي جناح بڻيو پر پوءِ به کيس ڏھ سال سزا ٻڌائي وئي، آزادي کان پوءِ انگريزن خلاف باقاعدہ تحريڪ شروع ڪيائين، انگريزن مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ڪري سنڌ ۾ مارشل نافذ ڪري ڇڏي، حڪومت کيس گرفتار ڪري موت جي سزا ٻڌائي، ائين 20 مارچ 1943ع تي سزا تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس جسد خاڪي کي نامعلوم مقام تي دفن ڪيو ويو..