Syed Jamaluddin Bukhari

1 min read

My Great Father SYED JAMALUDDIN BUKHARI, The Founder of Larkana Press Club

 

TODAY; 14TH MARCH, 2020 IS 120TH BIRTHDAY OF COMRADE SYED JAMALUDDIN BUKHARI’S 120th BIRTHDAY (14th March 1900) and ONE HUNDRED YEARS IN SINDH (1920-2020)…

Comrade Syed Jamaluddin Hasan Bukhari, Freedom Fighter & Front Line Leader of the Progressive Movement in the Sub-Continent, born on 14th March, 1900 in Syed Bukhari Family in Ahmedabad (Gujarat).

Comrade Syed Jamaluddin Bukhari, went to Moscow after October (Russian) Revolution at the age of 18 years and remained there for about two years. One of the Founding Members of CPI.

Completing Hundred Years (1920-2020) of Comrade Syed Jamaluddin Bukhari in Sindh. Imprisoned for 2 years in Khilafat Movement in Karachi Prison. Worked in Daily Al-Waheed for about Six years and remained Acting Editor of Daily Al-Waheed for couple of months.

One of 26 signatories of Hindu-Muslim Pact for separation of Sindh from Bombay (Pact Published in Daily Al-Waheed on 20th June. 1928). First and the last CPI appointed Secretary of Sindh Communist Party (1942 – 1948). Externed to Larkana in July, 1949. Political Mentor of Zulfikar Ali Bhutto. Died n Buried in Larkana at the age of 84 on 17th December, 1984.

 

ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري 1942 کان 1948 تائين CPI طرفان مقرر ٿيل سنڌ ڪميونسٽ پارٽي جو پهريون ۽ آخري سيڪريٽري هو. ڪامريڊ بخاري سنڌ ۾ هارين، مزدورن، شاگردن، نوجوانن سان گڏ ادبي ۽ ثقافتي محاذ تي سنڌ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪم ڪيو. سنڌ ڪميونسٽ پارٽي طرفان نئين دنيا ڪتاب گهر قائم ڪرڻ بعد ڪامريڊ بخاري مشهور اديبن جي لکيل ڪهاڻين ۽ ناولن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپائڻ شروع ڪيو. 1943 ۾ بنگال جي ڏڪر تي ڪرشن چندر جي ڪهاڻي جو “ان داتا” جي عنوان سان گوبند پنجابي ۽ ڪرشن چندر جي لکيل ڪهاڻي “زندگي ڪي موڙ پر” جو سنڌي ۾ ترجمو ڪامريڊ گوبند مالهي “ اڌوري سفر” سان ڪيو.

سنڌي ۾ ترجمن ۽ سنڌي ڪتابن ڇپائڻ بابت ڪامريڊ گوبند مالهي جي آتم ڪٿا مان پيراگراف هيٺ ڏجن ٿا:

پريس ورتي وئي ۽ ان جو نالو رکيو ويو “نئين دنيا پرنٽنگ پريس”.

پريس جاري ٿيڻ تي بخاريءَ هفتيوار “صداقت” شروع ڪرائي، پرنٽر پبلشر مان رهيس، ايڊيٽر بخاري رهيو. ان لاءِ “نيو ايج” ۽ ٻين مارڪسوادي ڪتابن تان بخاري طرفان چونڊيل ليکن جا ترجمان گهڻي ڀاڱي مان ڪرڻ لڳس. هڪ مسلم ڪمپازيٽر، ڪامريڊ علي نالو هوس شايد، اردو ايڊيشن تان ڪي ترجما ڪندو هو. ڪيرت به اسٽوڊنٽ ڪانگريس کان بدظن ٿي اسان طرف هليو آيو. هو به “صداقت” لاءِ ترجما ڪرڻ لڳو هو. ڪميونسٽ مينيفيسٽو به مون ۽ سوڀي ترجمو ڪيو.

نئين دنيا ڪتاب گهر ٻه ٻيا ڪتاب به شايع ڪيا. هڪ بنگال جي ڏڪر تي ڪرشن چندر جي لمبي ڪهاڻي جو ترجمو “ ان داتا” جي عنوان سان، ترجمو گوبند پنجابي پاڻ ڪيو هو، ٻيو ڪتاب ڊي ڪي منشا راماڻي جو ڪنهن روسي ڪتاب جي انگريزي ترجمي تان ورتل هو. “اشتراڪي سويت يونين”. بخاري جي صلاح سان ڪتاب گهر جو سيڪريٽري مون کي بڻايو ويو.

آيل نوجوان ڪرسي تي ويهي بخاري صاحب کي هڪ لکيل مضمون ٻڌائي رهيو هو، بخاري مضمون ٻڌڻ بعد مون کي ڪرسي کڻي ويجهو اچڻ لاءِ چيو، جوان پنهنجي ڪرسي ٿوري سيري، سامهون ويهي وڃڻ تي بخاري چيو“ هي آهي گوبند پنجابي، نئين دنيا ڪتاب گهر طرفان سويت يونين جي سورهيه سپتري زويا جي مختصر جيوني ڇپائي رهيو آهي ۽ هي آهي گوبند مالهي ” گوبند پنجابي چاهه مان منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ چيو، “ سنڌو معرفت منهنجو اڳ ئي واقف آهين، گڏجي خوشي ٿي. مون هن بابت اڳ ئي ايترو ٻڌو هو ته هو شاهوڪار گهر جو آهي، پوءِ به برڪت علي آزاد جي صحبت ۾ سوشلزم جو حامي آهي”.

مون چيو “ مون کي بي حد خوشي ٿي آهي، اوڏي مهل بخاري گوبند کي چيو، “ ڪامريڊ ڪتاب جو پريفيس تون نه لک، هيءُ لکي. ٻڌو اٿم ڪانگريسي به آهي، ليکڪ به آهي. سويت سپتري تي ڪانگريسي ليکڪ جو لکڻ وڌيڪ اثردار ٿيندو”. گوبند ٺهه پهه پاڻ سان آندل ڇپجي ويل “زويا” ڳٽڪو منهنجي هٿ ۾ ڏنو.

هڪ ئي ڏينهن ۾ مون کي ٻه نوان شغل ملي ويا. وديارٿي هلچل ۽ نئين دنيا ڪتاب گهر ٻنهي سان نڀائڻ لڳس.

ٻئي ڏينهن تي ڪاليج مان نڪري سڌو بخاري وٽ ويس. هن کي “زويا” جو مهاڳ پڙهي ٻڌايم، هن کي پسند آيو. هن مونکي ريتي برمن جو انگريزي ۾ لکيل ٽرئڪٽ ڏنو، عنوان مان ڀانيان ٿو ڊولپمينٽ آف سوسائٽي هوس. چيائين، “ زويا بعد نئين دنيا ڪتاب گهر جو ڪراچي مان اهو ٻيو ڪتاب ٿيندو. تون اهو ترجمو ڪر. مون کي پڙهي ٻڌائج پوءِ ئي اهو پريس ۾ ويندو”.

اوڏي مهل گوبند به اچي نڪتو. مون وارو مهاڳ گوبند کي ڏئي بخاري چيو، تمام سٺو لکيل آهي. ٻيو نمبر ڪتاب به هن جو رهندو، ريبتي برمن جي انگريزي ٽرئڪٽ جو ترجمو “مون پروڙي ورتو، پبلشنگ هائوس ۾ آخري لفظ بخاري جو هو، مون کي پنهنجي برادري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آتو هو. گوبند مون کي ميري ويدر ٽاور سامهون پنهنجي پريس ۾ وٺي هليو. رستي ۾ گوبند مون کي ٻڌايو ته بخاري جي مرضي مطابق ئي هن ڪراچي ۾ گهر ڪيو ۽ پريس ورتي هئي. پريس ۾ پتو پيم ته نئين دنيا جو ايمبليم ڏاٽو ۽ مترڪو هو. سمجهي ويس، پريس ۽ ڪتاب گهر ڪميونسٽ ساهتيه شايع ڪرڻ جا مرڪز هئا.

نئين دنيا ڪتاب گهر جو ڪراچي مان ٻيو ٽرئڪٽ منهنجو ترجمو غريبي عنوان سان ڇپجي ظاهر ٿيو.

نئين دنيا ڪتاب گهر طرفان ميسلني ٽائيپ اصلوڪن شعرن، مضمونن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ’پرهه ڦٽي’ نالي سان شايع ٿيو. هفتيوار ادبي ڪلاس سان وابسطه سڀني جوان ليکڪن جو رچنائون ان ۾ ڇپيون ۽ خواجا احمد عباس جو ناول Tomorrow is ours شايع ٿيو. مون سوڀي اڳيان ان کي ترجمو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هن اهو پنهنجي هڪ دوست، اتساهي جوان ارجڻ ايسراڻي کان ترجمو ڪرائڻ جي صلاح ڏني.

مان مکيه ريت ساهتيه کيتر ۾ چست رهيس. نئين دنيا ڪتاب گهر طرفان چار ڪتاب هڪ ٻئي پٺيان ترجمو ڪيم ۽ شايع ڪرايم. راهول سائڪرتاين جو ’وولگا سي گنگا تڪ’ ٻن ڀاڳن ۾ احمد نديم قاسمي ۽ ابراهيم جليس جون ٻيون ڪهاڻيون الڳ ٽرئڪٽن ۾ ناوليٽ ڪري ان وچ ۾ بهاري ڇاٻڙيه “ زندگي رسالو جاري ڪيو. ان ۾ ڪرشن چندر جي لمبي ڪهاڻي “ زندگي ڪي موڙ پر“ اڌوري سفر جي نالي سان ۽ پشپال جو ناول “ داد ڪامريڊ” ساٿي جي نالي سان ترجمو ڪيم ڇپجي ظاهر ٿيو. ڪتاب گهر جي نئين ڪتاب طور خواجا احمد عباس جي اردو ڪهاڻين جو مجموعو “ رقاصه” تجويز ڪيائين. مان ڪتاب ترجمو ڪرڻ لڳس ته ليکو تلسياڻي هڪ ئي فرصت ۾ اهو پڙهيو ۽ ڪن ڪهاڻين جي ترجمي جي آڇ ڪيائين “ نيلم“ عنوان سان پيج ڪهاڻيون شايع ٿيون ٽي مون ۽ ٻه ليکو ترجمو ڪيون. نئين دنيا ڪتاب گهر طرفان ٻئين ٽرم ۾ هڪ ئي ڪتاب ڇپيو. اردو ڪهاڻين جو ترجمو “ نوراني ديوي“ جي نالي سان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!