Badar ujjan

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي مشهور اديب، محقق، مترجم ڊاڪٽر بدرالدين اُڄڻ پهرين اپريل 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، ھن بي ايس سي، انگریزي ۽ بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽرس ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪئي، ”سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري“ جي موضوع تي ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت درس تدريس جو ڪم ڪيائين، وفاقي مقابلي جو امتحان پاس ڪري مختلف انتظامي عهدن تي رهيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي ادب ۽ تنقيدنگاري (تنقيد)، ٽي. ايس ايلئٽ: فن ۽ شخصيت، ڪاڪ ٽيل پارٽي(ٽي ايس ايلئٽ: ترجمو)، اندر جي اڇل (ترجمو)، سارتر: وجوديت واد ۽ انسان دوستي (ترجمو)، مائوزي تنگ: شاعر ۽ نثرنگار جي حيثيت ۾، فيض احمد فيض (چونڊ شاعري جو ترجمو)، خط (ادبي ۽ سماجي دوستن جا)، ڏھ مقالا، روسي ادب (چونڊ ترجمو) شامل آهن..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!