Dr Abdul Qadir Junejo
عبدالقادر جوٹیجو
30 مارچ 2020 یوم وفات
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي مشهور ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، اينٿراپالاجسٽ عبدالقادر جوڻيجي 13 سيپٽمبر 1945ع تي ٿر جي ھڪ ڳوٺ جنهاڻ ۾ پوليس صوبيدار مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾ جنم ورتو، ھن جنھاڻ، نوابشاھ، ڏيپلي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان تعليم حاصل ڪئي، ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان سوشالاجي ۾ ماسٽرس ۽ بي ايڊ ڪئي، ھن مختلف نوڪريون ڪيون، صوبيدار ٿيو، پرائمري ماستر ٿيو، ايڇ ايس ٽي به رهيو، شيخ اياز جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل اداري سنڌالاجي ۾ پبليڪيشن آفيسر ٿيو، جتي ترقي ڪري ڊائريڪٽر ٿيو، سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين رهيو، عبدالقادر جوڻيجو ڊرامن جي حوالي سان تمام وڏو نالو آهي، سندس ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي ڪيترائي ڊراما ھليا، جيڪي تمام گهڻو مشهور ٿيا، جن ۾ راڻي جي ڪھاڻي، جاچ، ديوارين، ڇوٽي سي دنيا، ڪارروان، سيڙهيان، دک سک ، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم وغیرہ شامل آهن، عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي دور جو تمام وڏو ڪھاڻيڪار ھو، سندس ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿيل آهن، عبدالقادر جوڻيجو سٺو ليکڪ ۽ ڪالم نگار به ھو، ھن خاڪا به ڏاڍا زبردست لکيا، سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۽ اينٿراپالاجي تي لکيل ۽ ڇپيل آهن، سندس ڪالمن، مضمونن ۽ خاڪن جا مجموعا ڇپيل آهن، کيس حڪومت پاڪستان پاران صدارتي تمغہ برائي حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو، ان کان سواءِ کيس ڪيترائي عالمي ۽ ملڪي ايوارڊ مليا، سندس لکڻين جي مڃتا عالمي سطح تي ٿي، سندس ڪيتريون ئي لکڻيون ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيل آهن، جوڻيجو صاحب 30 مارچ 2020 تی اسان کان وڇڙي ويو آهي.