Nabi Bux Danish
1 min read
نبي بخش دانش تخلص ‘دانش’ ولد زوار امام علي شر اولاد حضرت ميان فقير غلام حيدر گودڙيو رح، تعلقي ميرواھ، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ – ”مينگھو فقير شر“ ۾ 15 مئي 1966ع جي جنم ورتو.
پرائمري ۽ ثانوي تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ پرايائين. ميٽرڪ گورنمينٽ هاء اسڪول ٺري ميرواھ مان 1983ع ۾ پاس ڪيائين. پوء ديني تعليم پرائڻ لاء سنڌ جي هاڪاري درسگاھ ”دانش گاھ جعفريہ“ واگھريجي، جيمس آباد ۾ داخلا ورتائين. اتي چار سال زير تعليم رهي وڌيڪ تعليم لاء اسلامي جمھوريه ايران اسھيو. جڳ ۾ شھرو رکندڙ شھر – اصفھان نصف جھان جي ڀر واري شھر – نجف آباد ۾ ”مدرسہ خاتم الانبياء“ ۾ فارسي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاء داخل ٿيو، جتي پروفيسر محمد حسين نور محمدي، پروفيسر جمشيديان، پروفيسر محمد رضاپاينده، حجت الاسلام حسن حجتي جن کان فيضياب ٿيو. بعدازان اسلامي دنيا جي ناليري علمي درسگاھ – ”حوزه علميه قم المقدس“ ۾ داخلا ورتائين. اتي ٻارهن ورهين تائين حضرات حجج اسلام – سعيد رهائي، ڪبيريان، احمدي، رحماني سبزواري، علي رباني گلپائگاني، حميد محمدي، زين العابدين نجفي، سيد عنايت دريابادي، آقا فياضي، يحي ڪبير، سيد محمد تقي قادري ۽ آيات عظام احمدي ميانجي، وجداني فخر، محسن حرم پناهي، حسين مظاهري، سيد هاشم حسيني بو شھري، نور محمدي نجف آبادي، ناصر مڪارم شيرازي جھڙن متبحر عالمن جي محضر مان مختلف علمن جي خوشا چيني ڪري سال 2000ع ۾ ڏيھ موٽي آيو. پنھنجي ديس پھچي اسلامي علمن جي تدريس ۾ مصروف ٿي ويو. ان وچ ۾ مدرسہ صاحب الزمان ع ٺري ميرواھ ۽ مدرسہ امام حسين ع ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هينئر شھر ٺري ۾ اثنا عشري جامع مسجد ۾ امام جماعت آهي.
پاڻ ڀلوڙ ۽ زودگو سخنور آهي. هيل تائين جن صنفن ۾ پاڻ ملھايو اٿس انھن ۾ گيت، غزل، نظم، ترائيل، رباعي، حمد، نعت، سلام ۽ مرثيا شامل آهن.
‘دانش’ صاحب بسيار نويسن منجھان آهي. پاڻ مصنف، مولف ۽ مترجم آهي. هر ڏس ۾ پاڻ موکيو اٿس.
‘دانش’ صاحب سنڌ جي تاريخ تي معياري ڪم ڪيو آهي. ان ڏس ۾ مختلف عنوانن تي ٽہ ماهي ”تخيل“ ۾ ڇپيل مقالن جي فھرست:
– ”ميان سرفراز خان عباسي جي معزولي متعلق جاري ڪيل هڪ پڌر نامو“، اپريل – جون 2018ع
– ”کرڙي جي جنگ (شاعر ‘ڪاظم’ جي جوڙيل هڪ منفرد ۽ قديم منظوم فارسي جنگ نامي بابت قلمي نسخي جي تناظر ۾.) [تعارف، متن، ترجمو، مطالعو ۽ تجزيو]، جنوري – جون 2020ع
– ”مدح نامہ ميان عبدالنبي خان (عباسي) – هڪ مطالعو ۽ جائزو“، جولاء – ڊسمبر 2020ع.
سندس تحريرون سنجيده ۽ متين هونديون آهن. تاريخي عنوانن تي لکڻ وقت موضوع جو تر ۽ بر ڪڇڻ جي وت ۽ وس آهر جاکوڙ ڪندو آهي. سندس عرق ريزي تحسين جوڳي آهي.
علامه دانش جي ڪجھ ڪتابن جا عنوان:
– ”زندگاني امام حسين عليه السلام“ از حجت الاسلام سيد هاشم رسولي محلاتي: امام حسين عليه السلام جي مقدس حياتي تي نھايت ضخيم ڪتاب رايل سائيز جي 522 صفحن تي مشتمل، مطبوعا 2015ع
– ”انسان اڍائي سو سالہ“ رهبر معظم حضرت آيت الله سيد علي خامنہ اي جو چوڏهن معصومن عليهم السلام جي سياسي ۽ مجاهداڻي زندگي متعلق هڪ انتھائي عميق ۽ پرمغز ڪتاب. ڊيمي سائيز جي 522 صفحن تي ڦھليل، مطبوعا 2017ع
– ”حسين بيگنھ هئي هئي“ [ڳوٺ مينگھي فقير شر ۾ عزاداري جي تاريخ]، تحقيق، مطبوعا 2019ع
– ”تحفت الصائمين“[روزائتن لاء تحفو]، تاليف، اٺون ڇاپو سال 2020ع
– ”ڪوشڪ جي مٽي“، [ليکڪ سعيد عاقف] فارسي مان ترجمو، مطبوعا 2021ع.
– ”امام علي عليه السلام جي يتيم پروري“
– ”رندن سندي راھ“
-”علي عليه السلام ڪعبي جي عزت“
– ”عاقبت موچاري“
– ”تقليد – معصومين ۽ عقل جي نگاھ ۾“
– ”شناخت قرآن“
– ”وهابين جي وتڪت“
– ”تولا ۽ تبرا“
– ”عرياني، فحاشي ۽ لادينيت جا انساني روحانيت تي اثرات ۽ دفاع جو طريقو“
– ”طلاق“
– ”رہنمائے زائرین مقامات مقدسہ ایران“ (اردو)
– ”توسل“ (اردو)
اشاعت جي اوسيئڙي ۾
– ”خيرپور نامه“ از خانبھادر خداد خان:
فارسي متن جي ويرائش بمع حواشي، مقدمو، ترجمو ۽ تعلقات.
– ”مدح نامہ ميان عبدالنبي خان“ از ‘شوقي’: مقدمو، متن جي ويرائش بمع حواشي، تعليق ۽ ضميما.
– ”ڪليات حاجي آخوند محمد عالم ‘عالم’ پنھور ڪربلائي، خيرپور“، ترتيب. ۽ ٻيا ڳچ ڪتاب