Pir Hasaam Shah Rashadi
پیر حسام الدین شاھ راشدی
تاریخ وفات: پھرین اپریل 1982
سنڌ جي ھڪ وڏي ليکڪ، محقق، ادیب ۽ دانشور پیرحسام الدین شاہ راشدي 20 سپٽمبر 1911ع تي جنم ورتو، ھن مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد الياس پنھور کان تعليم ورتي، صرف چار درجا پڙهيو، ان کان پوءِ مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ سان دل لڳي ويس، ھن پھرين صحافت ڪئي، ڪيترين ئي اخبارن سان لاڳاپيل رهيو، ان کان پوءِ تحقیق جو ڪم ڪيائين، نایاب نسخا ھٿ ڪري انهن تي ڪم شروع ڪيائين، ھن فارسي ٻوليءَ ۾ موجود سنڌ متعلق مواد کي وڌيڪ وڌائي سنواري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري محفوظ ڪري ورتو، سندس ڪم کي معلومات ۽ تحقیق جي انسائيڪلوپيڊيا مڃيو وڃي ٿو، سندس مشهور تصنيفن ۾ مقالات الشعرا، تڪملہ مقالات الشعرا، تحفۃ الڪرام، مڪلي نامہ، مظھر شاھجاني شامل آهن، جن ۾ ھن واڌارو ڪري سنڌ جي تاریخ کي وڌيڪ واضح ڪيو آهي، ھن ھو ڏوٿي، ھو ڏينهن جي عنوان سان پنهنجي آتم ڪٿا به لکي، جيڪا به ھڪ تاریخي دستاويز آهي، مختصر اھو ته پير صاحب فردي طور تي سنڌ جي تاريخ تي ايترو ڪم ڪيو آهي، جيترو ڪنهن اداري به نه ڪيو آهي، پير حسام الدين شاهه راشدي پھرين اپریل 1982ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه مڪليء م آهي..