Shehbaz Ali Khashkali

 

 

 

 

 

ملازم سروری

28 مارچ : تاریخ وفات

سنڌ جي مشهور شاعر شھباز علي خاصخيلي المعروف ملازم سروري 10 جون 1916ع تي آراضي اڳوڻي ضلعي دادوءَ، ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو، ھن پرائمري تائين تعلیم حاصل ڪئي، ھن جي زندگيءَ جو گھڻو حصو ھالن ۾ گذريو، جتي صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ ۽ مخدوم محمد زمان طالب المولى جي صحبت کيس به شاعر بڻائي ڇڏيو، مخدوم خاندان سان لاڳاپن جي ڪري ئي پنهنجو پاڻ کي سروري سڏرايائين، ھن شاعري جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، سندس شاعري جي مجموعن ۾: نغمئه دل، لڙڪ حسين گل، حمد ۽ نعت وغیرہ شامل آهن، سندس شاعري مصري فقير، چاڪر چانڊيي، ڦوٽو زرداري سميت مختلف فنڪارن ڳائي آھي، ھن 28 مارچ 1995ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!