Abdullah Mod Qasim Abbassi

1 min read

DR.DUR MUHAMMAD PATHAN

WHAT I WROTE IN 1981?

ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ

مون سي ڏٺا ماءُ

19 جنوري 1981ع

(عبدالله عباسي)

عبدالله محمد قاسم عباسي جي ولادت 21- جولاءِ 1903 ع تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي ، ضلعي نوابشاھ ۾ ٿي. هي صاحب 1922 ع کان وٺي ڪراچي ۾ آباد آهي . تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ئي ملازمت جو آغاز ڪيائين ، ۽ لڳ ڀڳ 38 سال تعليم کاتي ۾ خدمت سرانجام ڏيئي 1958 ع ۾ رٽائير ٿيو. ملازمت دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رهيو . جناب عبدالله عباسي علم ، ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ جوڳا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن . هن صاحب 1925 ع ۾ ماهوار “گلشن’’ رسالو جاري ڪيو ۽ ان کانسواءِ 1930 ع کان 1932 ع تائين “ سنڌ آبزرور’’ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ، ۽ ساڳي عرصي دوران روزاني سنڌي اخبار “سنڌ شيوڪ’’ جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو . ملازمت دوران کيس سنڌ سرڪار ڪيترن ئي تعليمي ڪميٽين تي ميمبر ڪري کنيو .ا هڙين ڪميٽين مان “مسلم اسڪولن جي لاءِ ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽي ’’ ۽ “قبائلي ماڻهن لاءِ تعليمي ترقي لاءِ ڪميٽي’’ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . عباسي صاحب سنڌ ۾ تعليم جي اوسر لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون . هڪ تعليمي ماهر ۽ تعليمدان جي حيثيت ۾ ڪجهه اسڪول به قائم ڪيائين . جيئن 1930 ع ۾ “ماڊرن اڪيڊمي’’، 1932 ع ۾ “هوپ فل انگلش اسڪول’’ ۽ 1960 ع  ۾ “شائننگ اسٽار اسڪول“. عباسي صاحب صحافت ۽ تعليم کان سواءِ سنڌي علم ادب جا به گهڙا ڀريا آهن . سندس ڏيڍ ڊزن کن ڪتاب به لکيل آهن . سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو.

(1) ” حضرت محمد صلي الله عليه وسلم “ (سوانح) (2) ” قائد اعظم محمد علي جناح“ (سوانح) (3)”رئيس الا حرار مولانا محمد علي“ (سوانح) (4) ”حڪيم الامت علام اقبال“ (سوانح) (5) ” شمس العماء علام دائود دپوٽه“ (سوانح) (6 ) ” تاريخ اسلام“ (سوانح) (7) ” حالات ضلع ٺٽه“ (تاريخ) (8) ”حالات صوبه سنڌ“ (تاريخ) (9) ” تاريخ صوبه سنڌ“ (تاريخ) (10) ”حالات پاڪستان “  (تاريخ) (11) ” سنڌ صرف ونحو“ (لسانيات) (12) ”اردو استاد“ (لسانيات) (13) ”سر آغا خان “  (سوانح) (14) ” محمد ايوب کهڙو“ (سوانح).

عباسي صاحب پنهنجي ٻڍاپي جا ڏينهن هن وقت ڪراچيءَ ۾ گذاري رهيو آهي . ساڻس پنهنجي ڏيٺ به عجيب اتفاق سان ٿي ، ۽ ڌڻي جي فضل سان آئون ساڻس نيازمنديءَ جو  رشتو ڳنڍيندو پيو اچان . تحقيقي ڪم ڪرڻ دوران مون کي اهڙن  قدر دانن ۽  مهربانن جي مدد جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي، جيڪي پاڻ انگريزي دور جا عيني شاهد هجن ، يا وري انهيءَ دور جي ڪا جوڳي معلومات مهيا ڪري سگهن . مون کي پنهنجي ننڍيءَ  ڄمار ڪيترا ڏک ڏنا ته سک به ڏنا . يا د ٿو پوي ته هڪ دفعي آءُ ڪراچيءَ جي هڪڙي سنڌي صاحب ڏي ويس . ان وقت هو پاڙي جي غير سنڌين کي ٽيوشن پڙهائي رهيو هو . آئون انهيءَ خوشي فهميءَ ۾ هئس ته منهنجي ڀرپور همت افزائي ٿيندي . پر ٿيو ائين ، جو ويس ڪن ٽوپائڻ پر موٽيس ڪن وڍرائي . اهو وقت به واقعي نازڪ هو . سڄي سنڌ لساني هنگامن جو ڌڪ کائي پاڻ سنڀالي رهي هئي . ماڻهن جا جذبا اڃا تاءُ ۾ هئا ، هو صاحب به انهن حالتن کان متاثر هو . سندس روز گار جو مسئلو هو . ان ڪري  پهريون ته هو سنڌيءَ ۾  ڳالهائڻ کان نابري واري بيهي رهيو . پوءِ جيئن جيئن گفتگو ٿيندي رهي، تيئن ڄڻ باھ تي گاسليٽ هاربو  ويو . جڏهن کيس ٻڌايم ته آئون سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽري ڪري رهيو آهيان ،   تڏهن همراھ ڳاڙهي ٿي ويو . چوندا آهن ته ”اڳ ئي ويٺي هئي رٺي ، وري جو  آيس پيڪن جو نياپو ته روئي ويٺي“. سو مون کي ڪهڙي خبر  ته آئون ککر ۾ کڙو هڻي رهيو آهيان . هن ويچاري به ٻه ٽي سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ  ۾ ڊاڪٽري  ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي . اختاريءَ وارن معمول مطابق سندس قدر داني ڪرڻ بدران دلشڪني ڪئي هئي. سو همراھ نه ڪئي هم نه تم ، اچي ڇٽڪيو  گارين ۾ ! سنڌي ٻوليءَ کان وٺي لاکيڻي لطيف تائين . پراڻن ڊاڪٽرن کان وٺي ويندي ٿيندڙ ڊاڪٽرن تائين ڪنهن کي به ڪونه بخشيائين . آئون سن کائي هليو آيس . ليڪن جواني جا جذبا ڪٿي ٿا صبر ڪرڻ ڇڏين ؟

ساري رات ننڊ ڪانه آئي . نيٺ پڪو پهه ڪيم ته صبح سان وڃي همراھ سان صفائي ڪبي ، صبح ٿيو ، اکيون مهٽيندو وڃي همراھ جو در کڙڪايم ، در کوليائين ، مون تي نظر پيس ته تپي لال ٿي ويو . چيائين : “ٽٽونءَ  لاءِ ٽاور، ٽاري لاءِ اشارو’’ رات ئي توکي جواب ڏنم . پوءَ تون وري ڇو آيو آهين ؟ چيو مانس ته آئون نه ٽٽون آهيان ۽  نه وري ٽاري. آئون در محمد آهيان . ويهه توسان ڳالهائڻو آهي’’. همراھ وٺ ڪرڻ نه ڏي  . پر پوءِ سندس  گهر واري وچ ۾ پئي ۽ مون کي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي . مون چانهه پيئڻ جو مطالبو ڪيو . جيڪو همراھ “ مان نه مان مين تيرا مهمان ’’ چئي قبول ڪئي . چانهه آئي ۽ همراھ صبر ڪري ويٺو . هاڻي منهنجو وارو هو ، ۽ پوءِ ته مون کيس ڪاري پائي پائي ڪري موٽائي ڏني . همراھ هو ڪراڙو سو سمجهيائين ته جيڪو گهران ئي جهيڙي ڪرڻ لاءِ آيو آهي ، تنهن سان پڄي ڪون سگهبو ، هن صبر ڪيو ۽ آئون بي صبريءَ جو مظاهرو ڪري گهر موٽي آيس .

ڳالهه نڪتي هئي ”ننڍي ڄمار“  کان ، وڃي پهتاسين جهيڙي ۾ ! انهيءَ ڏکوئيندڙ واقعي کان پوءِ مون هڪ نئون رستو اختيار ڪيو . ڪوشش ڪري مضمون وغيره لکي اخبار ۾ شايع ڪرائڻ لڳس ته جيئن پنهنجو غائبانه طور تي ماڻهن سان تعارف ٿي وڃي ، ۽ ڪن هنڌن تي تون ڇا تون ڇا جو معاملو پيش نه اچي . انهيءَ سلسلي ۾ “آزاد’’ جو سهارو به مليو ۽ ڀرپور سهارو مليو. منهنجا ڪيترائي مضمون “آزاد” ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپجي چڪا هئا ، ۽ اهي عباسي صاح جي نظر کان به گذريا هئا .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!