Dashat Geer Bhatti
1 min read
نامياري ۽ بي باڪ صحافي محترم دستگير ڀٽئ کي جنم-ڏينهن جون مبارڪون.
سندس مختصر احوال هن ريت آھي:
سنڌي ۽ انگريزي صحافت جو سينئر موسٽ سنڌي صحافي دستگير ڀٽي 4 اپريل 1951 تي حيدرآباد ۾ ڄائوـ مسلم ڪاليج مان انٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪيائين ـ
جنرل يحي خان جي مارشل لا دؤر ۾ 14 آڱسٽ 1969 تي شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو صاحب حيدرآباد جي پڪي قلعي مان روزاني ھلال پاڪستان شايع ڪرڻ لاِء پريس جو مھورت ڪيوـمرحوم شيخ علي محمد ايڊيٽر مقرر ٿيو جنهن کي قاضي برادران عبرت جي ايڊيٽرشپ تان ان ڪري برطرف ڪيو جو ھو جنرل ايوب خان خلاف ڀٽو صاحب جون تقريرون فرنٽ پيج تي ڇاپيندو ھوـ شيخ صاحب عبرت ۾ دستگير ڀٽيء جي ڪم کان متاثر هو تنهن پھرين ڏينهن کان دستگير کي ھلال ۾ رکيوـ 1970 ۾ رسول بخش پليجي ۽ شھيد فاضل راھو جي اڳواڻيء ۾ ٺٽي ۽ بدين ۾ حقدار ھارين بدران ڌارين ماڻهن کي زمينون ڏيڻ خلاف تاريخي “نيلام بند ڪريو” تحريڪ شروع ٿي ويئي جنهن جي رپورٽنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مارشل لا اختيارين کيس گرفتار ڪيوـ مليٽري ڪورٽ ۾ دستگير ڀٽيء تي بغاوت جي الزامن تحت ڪيس ھليو جتي سندس پيروي ناميارن وڪيلن مرحوم حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجي صاحب ڪعي ـ فوجي عدالت کيس ٽي سال ٽيپ ۽ ٽيھ ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ واڙي ڇڎيوـ انهيء دؤر ۾ اينٽي ون يونٽ جدوجهد بنگال كان ڪيٽي بندر تائين پنهنجي جوڀن تي ھعي ـ ھي پھريون سنڌي صحافي آهي جنهن اظهار جي آزاديء خاطر جيل ڪاٽيوـ ٻن مھينن بعد اوچتو جنرل يحي خان سياسي دٻاء ۾ اچي ون يونٽ ٽوڙڻ ; عام چونڊون ڪرائڻ ۽ سياسي قيدين کي ھڪدم آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيوـ ان کانپوء بنگلا ديش ٺهيوـ جڏهن ڀٽو صاحب پاڻ باقي بچيل پاڪستان جو اقتدار 21 ڊسمبر 1971 تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته پنهنجي اخبار ھلال پاڪستان جو مرڪز سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي کي ڪيائين ـ سراج ميمڻ جھڙي قداور ادبي شخصيت جي ادارت ۾ ھلال پاڪستان سنڌين جو آواز بڻجي تاريخي ڪردار ادا ڪيوـ جولاء 1977 ۾ جنرل ضيا جي مارشل لا لڳڻ شرط پريس توڙي سياسي سرگرمين تي پابندي مڙھجي ويئي پر ان وقت به اظهار جي آزاديء لاء مسلسل جدوجهد جاري رهي جنهن جي قيادت اصول پسند ليڊر منھاج برنا ڪئي ـ جنرل ضيا جي موت کانپوء ڊسمبر 1988 ۾ محترمـ بينظير حڪومت ٺاهي ته کيس سندس شھيد پيء جون ٻه اخبارون ھلال پاڪستان ۽ مساوات اردو واپس مليون ـ وزيراعظم صاحبه دستگير جي قربانين جو قدر ڪندي کيس چيف ايڊيٽر ھلال پاڪستان مقرر ڪيوـ 1990 ۾ بينظير حڪومت کي ڊاھي ڄام صادق علي كي وزير اعليٰ مقرر ڪيائون ته ھن مدد علي سنڌيء کي ھلال جو چيف ايڊيٽر بڻايوـ دستگير ڀٽي ڊان گروپ جي ايوننگ اسٽار ڪراچي ۽ بعد ۾ اسلام آباد جي وڏي اخبار THE MISLIM جو بيورو چيف ٿي انگريزي صحافت ڪعي ـ گڏوگڏ پنهنجي دوست ۽ استاد يوسف شاهين جي ھفتيوار برسات جو ايڊيٽر ٿي جنرل ضيا جي مارشل لا خلاف مزاحمت ڪندو رهيوـ
اسان کي هن بي باڪ صحافئ تي فخر آھي ۽ رهندو. هن جو قلم عوام جو ترجمان آھي.