Muhammad Yousif Channa

1 min read

 

 

 

 

 

 

فنڪار فقير محمد يوسف چنا شهيد

فنڪار فقير محمد يوسف چنا ولد محمد صديق چنا پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪارياڻي، تعلقو سيوهڻ شريف ضلعو ڄامشورو ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم پنج درجا ڪارياڻي جي اسڪول مان حاصل ڪيائون. پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ دادو شهر جي مشهور تاج هوٽل تي پنهنجي والد صاحب سان گڏ ڪم ڪيائين. ان وقت سندس والد تاج هوٽل دادو جو مئنيجر هو ۽ سال 1969ع کان دادو شهر جي بُٺ پاڙي ۾ رهندڙ هو. هوٽل تي ڪم ڪار دوران سنڌ جي درگاهن تي وڃڻ جو شوق جاڳيس. انهن درگاهن مان سيد گنبل شاھہ لڪياري، سيد سمن شاھہ سرڪار، حضرت شاھہ عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، حضرت قلندر لعل شهباز، درگاھہ لڪي شاھہ صدر، نوراني نور، حضرت سيد احمد شاھہ لڪياري ۽ ٻيون درگاهون شامل آهن. پاڻ درگاھہ سيد گنبل شاھہ لڪياري جو طالب ۽ مهربند فقير هو ۽ آخر تائين رهيو. سندس کي درگاهن تي وڃڻ کان پوءِ صوفي راڳ سکڻ جو شوق جاڳيو. پاڻ پهريائين سکيا استاد چاڪر خان چانڊيو ۽ بعد ۾ فوٽو خان زرداري کان حاصل ڪيائون.

جڏهن 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين تہ اتي بہ ساڳي ڪِرت سان يعني راڳ رنگ کي جاري رکيائون. ڪجھہ سالن کان پوءِ يعني سال 1982ع ۾ سائين احمد شاھہ لڪياري سان محبت جو پير پاتائين جتي راڳ رنگ جي سلسلي کي اڳتي وڌايائون. سائين احمد شاھہ لڪياري جتي بہ ويندا هئا فقير محمد يوسف کي سائين جن پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا ۽ اتي وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪندو هو، اهڙي ريت پاڻ سائين احمد شاھہ جي محبت ۾ قابو ٿي ويا. سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت دوران پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين ۽ شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڻ مڃايائون. فقير محمد يوسف چنا پي.ٽي.وي، ڪي.ٽي.اين، سنڌ ٽي.وي ۽ مهراڻ ٽي.وي تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس محفل جا ٻہ البم پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چُڪا هئا.

سال 1982ع کان وٺي شاھہ صدر نيڪ نظر جي هر سال ڊيوٽي ڏيندا هئا.تاريخ 3 اپريل 2016ع تي صبح جو شاھہ صدر جي عرس مبارڪ جي ڊيوٽي ڏيئي واپس اچي رهيا هئا تہ سندس سن شھر لڳ ڪار ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن ۾ پاڻ اسان کان وڇڙي ويا ۽ بقا ڏانهن سفر ڪيائون.  

فقير محمد يوسف نفيس طبيعت جو مالڪ هو ۽ هر ڪنهن سان محبت جي رنگ ۾ رنڱجي ويندو هو. هر مهيني جي 29 تاريخ جي رات درگاھہ سيد احمد شاھہ لڪياري لڳ سيد آباد ڄامشورو ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. سندس جون ڪافي محفلون درگاھہ سيد گنبل شاھہ لڪياري لڳ ٽلٽي ۽ درگاھہ سيد احمد شاھہ لڪياري جي عرس مبارڪ دوران رڪارڊ ٿيل آهن جيڪي YouTube تي موجود آهن. سندس پويان ٽي پُٽ، ٽي نياڻيون ۽ ھڪ ھمسفر موجود آھن. 

عزت مآب جناب وائيس چانسلر صاحب

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

معرفت چيئرمن صاحب

سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو

موضوع: سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ Essential Services تحت ڪواٽر الاٽ ڪرڻ لاءِ گذارش.

جناب اعليٰ

گذارش ڪجي ٿي تہ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي بجليءَ جو نظام آڪٽوبر 2022ع کان HESCO حوالي ڪيو ويو آھي ۽ مون کي ڪالوني جي بجليءَ بابت معاملا، مسئلا، شڪايتون دور ڪرڻ ۽ ھر ھڪ ڪواٽر تي ماھوار بجلي جا بل پھچائڻ خاطر حيسڪو طرفان مون ھيٺ صحيح ڪندڙ کي مقرر ڪيو ويو آھي. منھنجي ھن وقت رھائش شھر ڀان سيد آباد ۾ آھي جنھن ڪري ھر ھفتي فيملي کي وقت ڏيڻ لاءِ وڃڻو پوي ٿو جنھن ۾ ڪافي منھنجو خرچ لڳي وڃي ٿو، گھٽ پگھار ھئڻ ڪري مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن.

انھيءَ لاءِ گذارش ڪجي ٿي تہ جيئن ٻين ملازمن کي Essential Services تحت ڪواٽر الاٽ ڪيا ويا آھن، انھي بنياد تي براءِ ڪرم مون کي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ Essential Services تحت ھڪ ڪواٽر الاٽ ڪيو وڃي تہ جيئن مان پنھنجي فيملي کي بہ وقت ڏئي سگھان ۽ ڪالوني ۾ جيڪي بہ شڪايتون درج ٿينديون انھن کي بہ بي خوف ٿي دور ڪريان. اميد ڪجي ٿي تہ منھنجي ھن نماڻي گذارش تي غور ڪري Essential Services تحت ڪواٽر الاٽ ڪرڻ فرمائيندا تہ عين نوازش ٿيندي.

عرضدار

امجد حسين چنا

حيسڪو لائين مين

سنڌ يونيورسٽي ڪالوني

ڄامشورو

تاريخ 20.3.2023

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!