Dr Rajab Memon

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي مشهور شخصيت، شاعر، دانشور، تعليمي ماهر، سياستدان، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي اڳوڻي وائس چانسلر پروفیسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ 5 اپريل 1944ع تي دڙي شھر، اڳوڻي ضلعي ٺٽي ھاڻوڪي ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو، ھن 1966ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ سان ايفيلئيشن رکندڙ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام مان بي ايس سي (ايگريڪلچر)، 1969ع ڌاري ايم ايس سي (ايگريڪلچر)، 1975ع ڌاري زرعي يونيورسٽي فيصل آباد مان پي ايڇ ڊي ڪئي، ڊاڪٽر رجب ميمڻ پوءِ آمريڪا جي مينو سوٽا يونيورسٽي مان به پي ايڇ ڊي ۽ آئيوا اسٽيٽ يونيورسٽي مان پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪئي، ان وچ ۾ قانون جي تعليم به حاصل ڪئي، ھن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات زرعي يونيورسٽي ۾ ليڪچرار طور ڪئي، ترقي ڪري پروفيسر، ايگريڪلچرل ايڪانامڪس اينڊ رورل سوشيالوجي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين، فئڪلٽي ڊين ۽ وائيس چانسلر ٿيو، يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به ڊاڪٽر رجب ميمڻ مختلف ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن سان جڙيل رهيو، جن ۾ سنڌ ڪوسٽل ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽ (ايس سي سي ڊي پي)، ورلڊ فوڊ پروگرام، اينگرو ڪول لميٽڊ، ڊبليو ڊبليو ايف، ايڪشن ايڊ پاڪستان، ايگريڪلچر ڊولپمينٽ بينڪ، انٽرايڪٽ ورلڊ وائيڊ، فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن، آءِ يو سي اين پاڪستان، ٿرديپ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام، پريميئر آئل ڪمپني / ايڇ بي پي لميٽيڊ ۽ ٻيا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا شامل آهن، ڊاڪٽر رجب ميمڻ بهترين شاعر ۽ ليکڪ ھو، ھن “رجب ضياء” جي تخلص سان شاعري ڪئي، نثر لکيو، سياست سان به سلھاڙيل رهيو، پھرين عوامي تحريڪ پوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ رھيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ سينئر وائيس چيئرمين رھيو، قاسم آباد واري قومي اسيمبلي جي تڪ تان ھڪ دفعو چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، هن 25 جولائي 2021ع تي هي جھان ڇڏيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!