Sundas Phoo no Mal

 

 

 

 

 

 

 

سنتداس پنھون مل

تاریخ وفات: 2 اپریل 1991

۔………………………………..

سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ بھترين ليکڪ، شاعر، مترجم سنتداس پنهون مل ڪشناڻي 29 جون 1902ع تي نوشهري فيروز اڳوڻي ضلعي نوابشاهه، ھاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو، ھي ترقي پسند نظريي جو ماڻهو هو، مهاتما گانڌيءَ کان تمام گهڻو متاثر ھو، ننڍي کنڊ جي آذادي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، جيل سختـيون به سٺائين، مئٽرڪ تائين تعلیم حاصل ڪيائين، کيس سنڌي ٻوليءَ سان گڏ انگريزي، هندي، اردو، گجراتي، مراٺي ٻولين تي به دسترس حاصل ھئي، ورھاڱي کان پوءِ پوني ۾ رهائش اختيار ڪيائين، سندس ڪتابن ۾: ڪاري پاڻيءَ جي ڪهاڻي (ڀائي پرمانند جي آتم ڪهاڻيءَ جو سنڌي ترجمو)، يوگ آسڻ (امودر ساتوليڪر جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)، ويدڪ ستسنگ (ويدن جا ڌرمي وچن)، ڦرموٽيون (شاعري)، اندر جا اڌما (شاعري)، روپ ڪوشا (قديم ڀارت جي تاريخ تي لکيل گجراتي ناول جو ترجمو: 2 ڀاڱا) وغیرہ شامل آهن، ھن 2 اپريل 1991ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!