Tarique Allam Abro
طارق عالم
10 اپریل 1958 جنم تاریخ
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي مشهور ڪھاڻيڪار، ناول نگار، شاعر ۽ چترڪار طارق عالم ابڙي 10 اپريل 1958ع تي ان وقت جي نالي واري مصور محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ قنبر ۾ جنم ورتو، سندس والد صاحب پوءِ لڏي اچي ڄام شوري ۾ ويٺو، طارق عالم سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪئي، ان دوران هن ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون نوڪريون به ڪيون، ان دوران لکندو به رهيو، 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ رسالي ٽماهي مهراڻ جو سب ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر ٿيو، ڪجهه وقت بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو، ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو به ايڊيٽر رهيو، طارق عالم شاعري ڪئي ۽ ڪھاڻيون لکيون، ”رهجي ويل منظر“ جي عنوان سان لکيل سندس ناول سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڌيڪ پڙھيو ويندڙ ناولن مان آهي، ھن ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڊراما به لکيا، طارق عالم پنهنجي لکيل ھڪ ڊرامي ۾ اداڪاري به ڪئي، طارق عالم ڪالم لکيا، مصوري به ڪئي، سندس ٻيا به سڀ ڀائر اياز عالم، ساقي عالم، منصور عالم، قيص عالم، دارا عالم به درس تدريس سميت لطيف فنن جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل رهيا آهن، ھن 11 جون 2011ع تي وفات ڪئي..