Allama I.I Qazi

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

علامه آءِ آءِ قاضي : ڏاهو فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان

رضوان گُل

سنڌ ۾ جن شخصيتن پنهنجي عِلمي قابليت ۽ ڏاهپ ذريعي عملي طور يادگار ۽ تاريخ ساز خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. علامه آءِ آءِ قـاضـي جـو اصـل نـالـو امـداد عـلـي امـام علي قاضي هو. سندس جنم 9 اپريل 1889 تي پاٽ شريف  ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم پڻ ورتائين، جنهن بعد انگريزي تعليم پرائي بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو، جتي سندس مطالعي جو ڪينواس تمام گھڻو وسيع ٿي ويو. ڪيترن ئي استادن کان علم جي خزاني مان قيمتي جوهر حاصل ڪيائين. ڪتابن سان سندس گِهري وابستگي رهي. مشرقي ۽ مغربي تاريخ، فلسفي، جاگرافي، ادب ۽ ٻين انيڪ موضوعن وارا ڪتاب سندس مطالعي هيٺ آيا، جنهنڪري پاڻ فقط قانون جي تعليم تائين ئي محدود نه رهيو، پر دنيا جهانَ جي مختلف علمن بابت جامع ڄاڻ پڻ حاصل ڪيائين. لنڊن کان جرمنيءَ به ويو، جتان ڪيترن ئي ڪتب خانن مان ناياب ڪتابن جو مطالعو ڪري، انهن مان ڀرپور فائدو ورتائين ۽ اتان ئي شادي پڻ ڪيائين، جنهن بعد سن 1911ع ۾ وطن واپس آيو.

حيدرآباد، جيڪا علامه آءِ آءِ قاضي جي جنم ڀومي آهي، اُتي ئي ضلعي حيدرآباد جي مئجسٽريٽ طور مقرر ٿيو. بعد ۾ رياست خيرپور ۾ سيشن جج ۽ هوم منسٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. دنيا جي ڪيترن ئي ڪتب خانن سان سندس خط و ڪتابت رهندي هئي، جنهن ڪري مختلف علمي ادبي ڪتاب وٽس ايندا رهندا هئا. لنڊن جي ڪيترن ئي علمي ادبي تنظيمن ۽ لائبريريُن کيس اعزازي ميمبر بڻايو هو. ٻي ٽئين سال يورپ وڃي ڪتاب وٺي اچڻ سندس محبوب مشغلو هو. جيتوڻيڪ نوڪريءَ جي حوالي سان پاڻ تمام گھڻو مصروف رهندو هو، پر مطالعي جو شوق کيس وقت ڪڍڻ لاءِ مجبور ڪندو هو ۽ اهو ئي شوق کيس حياتي جي آخري ڏينهن تائين به رهيو.

فلسفي، اسلام ۽ ادب تي ڪيترائي ليڪچر ۽ تقريرون ڪيائين، جنهنڪري سندس مڃتا عام ماڻهن ۾ پڻ ٿي. علامه هڪ خوددار ۽ بااصول انسان هو جنهنڪري سرڪاري ملازمت کي مستقل طور اختيار ڪري نه سگھيو، ڇا لاءِ ته سندس مزاج ۽ نوڪري هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف هئا. پاڻ سڀئي سرڪاري آسائشون ۽ آرام ٿُـڏي پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گذارڻ کي اوَليت ڏنائين. نوڪري ڇڏي مڪمل طور پنهنجي فڪري آدرشن مطابق ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اسلامي فڪر ۽ تعليمات جي حوالي سان به خاصو ڪم ڪيائين.

پاڪستان ٺهڻ بعد علامه آءِ آءِ قاضي مستقل طور لنڊن ۾ رهائش پذير ٿيو، پر بعد ۾ سندس تمام ويجھن دوستن کيس پاڪستان اچڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو، جنهن جي نتيجي ۾ هو  چئن سالن بعد وطن واپس وريو ۽ هتي اچي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نئون ڪيمپس ٺاهي پنهنجي زندگيءَ جا پورا ڏھ سال هن عظيم درسگاھ جي هر هڪ شعبي کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ صرف ڪيائين. ائين سندس اهو خواب جيڪو هن ڪافي ورھ اڳ ڏٺو هو تنهن جي سنڌ يونيورسٽي جي ڄامشورو واري ڪئمپس جي صورت ۾ تڪميل ٿي جتي نه فقط سنڌ، پاڪستان پر پوري دنيا جا شاگرد اچي پنهنجي علم جي اُڃ اُجھائين ٿا. علامه جي اهڙي علم دوستيءَ واري جذبي تي برک شاعر شيخ عبدالحليم جوش پنهنجون هي سٽون ڏانهس منسوب ڪيون:

علم  جو  آفتاب  هو ، حلم  جو  ماهتاب  هـو،

فرد  نه پر هو  انجمن،  باب  نه پـر ڪتاب هـو،

وڃڻو هو نيٺ ويو ، دلين تي نَقش ويو  ڇڏي،

ڪيڏي نه حُب ساڻ  هو  جامعه  سنڌ  ويو اڏي.

سن 1959 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر واري عهدي تان مستعفي ٿي، وري به ساڳيو ئي علم و ادب جي خدمت وارو ڪم شروع ڪيائين، تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکڻ کان علاوه شاھ صاحب جي ڪلام کي شايع ڪرايائين ۽ پنهنجي اهليه ايلسه قاضيءَ سان گڏجي شاھ سائين جي ڪلام جو انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو پڻ تمام گھڻي اهميت وارو ۽ محنت طلب ڪم هو. علامه قاضي جي وڌ کان وڌ ڪوشش هئي ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪجن يا انهن کي اڳتي آڻجي جيڪي اڳتي هلي قوم جون واڳون سنڀالن. اهڙين خوبين رکندڙ هڪ شخص علامه جي صحبت ۾ رهيو، سکيو ۽ پڙهيو جنهن جي علم ۽ قابليت مان پڻ سنڌ جي ماڻهن کي گھڻو سکڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو فراهم ٿيو. اهو ڏاهو اي. ڪي. بروهي هو جنهن جي علمي لياقت ۽ خدمتن جو به هر ماڻهو معترف آهي.

علامه آءِ آءِ قاضي جڏهن انگلينڊ ۾ هو تڏهن جارج برناڊشا جي ناول ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ جي جواب ۾ ”ڪاري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ لکيو هو. علامه صاحب سنڌ جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو پڻ ترتيب ڏنو ۽ ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي فڪر ۽ فلسفي بابت ڪيترائي مقالا پڻ تحرير ڪيائين. جڏهن ته متفرقه موضوعن تي پڻ پُرمغز قسم جا مضمون لکي ڪتاب ”ڪَئيوئل پيپس اَيٽ سوفيه“ (Causal Peeps at Sophia) ڇپرايو جنهن ۾، شخصيتن، ادب، ٻولي، تاريخ، تعليم، مذهب ۽ شاعريءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل آهن. علامه صاحب جو انتقال، جنهن کي ڪن خودڪُشي ته ڪن حادثاتي موت سڏيو آهي، نه رڳو سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سماج لاءِ ڪاپاري ڌڪ هيو پر سندس موت سان سڄيءَ دنيا جي ساڃاهوندن جا اندر اداس ٿي پيا.  قَطعي جي خوبصورت شاعر اميد خيرپوريءَ علامه آءِ آءِ قاضي جي وڇوڙي تي پنهنجن لفظن کي لڙڪ بڻائي هن طرح لکيو:

جڏهن  هڪ موت  عالِمَ جو عالَمَ  جي  لئه  آهي،

تڏهن  آ درد  هـر همـدرد  جـي دل ۾ جڳھ جوڙي،

مرڻ جن کي کپي سي موت کان لڪندا رهيا آهن

جيئڻ  وارا  الائي  ڇو وڃن  ٿا موت  ڏي  ڊوڙي.

علامه آءِ آءِ قاضي جو جيءُ پنهنجي شريڪِ حيات جي وڇوڙي بعد جُھري پيو، جو ٻنهي زال مڙسن جي محبت مثالي هئي. گھر واريءَ جي وصال بعد پاڻ بلڪل تنها ٿي ويو هو، سنڌ جي برک عالم، اديب ۽ علامه جي ويجھي شاگرد اي.ڪي بروهي علامه جي آخري وقت بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته: ”13 اپريل جي ٽيپهريءَ جو پنهنجي دُنيوي زندگيءَ جو انت آڻڻ لاءِ گھران نڪتو پر مان سمجھان ٿو ته هو انهيءَ ارادي تي عمل ڪرڻ بجاءِ ان کان اڳ جو ڪامياب ٿي، اچانڪ پير کِسڪي وڃڻ سبب ڪري پيو هو جنهنڪري پاڻيءَ ۾ ڪرڻ کان اڳ سندس مٿي ۾ ڌڪ ۽ پاسيري ڀڳي هئي، جيڪا ڳالھ ڊاڪٽري علامتن مان صاف ظاهر آهي.“ انهيءَ حوالي سان اي.ڪي بروهيءَ جو اهو خيال آهي ته علامه خودڪشي نه ڪئي هئي پر اهو حادثاتي موت هو. علامه آءِ آءِ قاضي 13 اپريل 1968ع تي هي جهَان ڇڏيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!