All Haj Wali Muhammad Tahir
سائين ولي محمد طاهر زادي جو انٽرويو جيڪو سرتيون رسالي ۾ 1999ع ۾ ڇپيو هو
پاڻون واڻيون چارون پچارون
تعارف: الحاج ولي محمد طاهر زادو صاحب سٺي ليکڪ، شاعر هئڻ سان گڏوگڏ، سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن جو پڻ وڏو ڄاڻو آهي. جيڪڏهن کيس چاڻ جي کاڻ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. جيئن ته پاڻ به ٻهراڙي سان تعلق رکي ٿو، ان ڪري کيس اتان جي ماحول، رهڻي ڪهڻي، ۽ اُتي ڳالهائيندڙ ٻوليءَ سان تمام گهڻو چاهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندن لکڻي پڙهڻ سان ٻهراڙي جو سڄو منظر اکين اڳيان اچيو وڃي. وڌيڪ اها ڳالهه ته پاڻ پراڻن لفظن کي نئين معنيٰ ۽ نئين انداز ۾ آڻڻ جو فن پڻ ڄاڻين ٿا، جيڪو سندس شوق پڻ آهي. ”سرتيون“ رسالي جو پراڻو ليکڪ آهي. طاهر صاحب سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۽ سندن ئي لکڻيون سرتيون جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿيون. (ايڊيٽر)
سوال: اوهان پنهنجي زندگيءَ بابت ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: منهنجي والد جو نالو محمد طاهر آهي، تنهنڪري پاڻ کي طاهر زادو سڏرايان ٿو. والد صاحب کي هوتل يعني نانوائڪو دڪان هو، تنهنڪري ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي جي تنگي ڪا نه هوندي هئي.
سوال: اوهان تعليم ڪٿي حاصل ڪئي؟
جواب: مون کي پهرين ٽنڊي الهيار جي مڪتب ملان حافظ حميد الدين وٽ داخلا ملي. جتي قرآن شريف ناطرا پڙهي پورو ڪيم، پوءِ مولوي محمد حيات کان فارسي، دووايو، ڪريما، مامقيما، پندنامه ۽ گلستان تائين پڙهيس ۽ مولي عطاءُ الله کان عربي مجانية الادب جا چار ڪتاب پڙهيس ۽ مرحوم ڏاڏي رمضان وٽ سندس خريد ڪيل ڪتاب جي ابولاحسن جي سنڌي ۾ ڇپيل هئا: ڪنزالعبرت، قص الانبياء، مقدمة الصلواة ۽ قصو يوسف زليخا پيو پڙهندو هوس. ٽنڊي الهيار جي انگريزي مڊل اسڪول ۾ رڳو چئن درجن تائين تعليم ڏني ويئي. سو انگريزي پڙهڻ ڇڏي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ وڃي داخل ٿيس اتي اسڪول جو هيڊ ماستر مرحوم مغفور سائين شيخ قادر بخش صاحب هو. (شيخ عبدالله جو والد جنهن جو محبت جون راهون ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي) تنهن پڙهائي سنڌي ورنيڪيولز، فائنل امتحان پاس ڪرايم. سندن ئي ڪوشش سان سنڌي ماستر جي خالي پيل جاءِ تي مقرر ٿيس. نوڪري ڪندي ٽريننگ ڪاليج فارمين مان پهريون سال ۽ ٻيون سال پاس ڪيم.
سوال: اوهان جي وقت ۾ پڙهائيءَ جو معيار ڪهڙو هو؟
جواب: تڏهن ٽيوشن جي ضرورت ڪانه هئي، نڪي ڪا ڪاپي ڪرڻ جي ڪو به شاگرد ڄاڻ نه رکندو هو. استاد ئي قابل هوندا هئا.
ٻار ماءُ جي پيٽان ڄمي ٿو ته بکيو ۽ اڃو هوندو آهي، ماءُ ان کي مُمو پيڻ لاءِ وات ۾ وجهندي آهي ٻار ان کي چوسي چوسي ڌڳڙيندو پيئندو رهندو آهي. ماءُ هن کي رڳو مُمو وات ۾ وجهندي پر چوسڻ ڪا نه سيکاريندي آهي، اها ٻار جي پنهنجي ڏاهپ آهي، ان کي سونجهه چوندا آهن.
سوال: اوهان جي استادن جو اوهان سان ڪهڙو ورتاءَ رهيو؟
جواب: محنتي شاگردن تي مهربان هوندا هئا، گوسڙن گوشحالي ڪندا هئا.
سوال: ٻار اوهان جي نظر ۾؟
جواب: سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ٻار مُڇ جو وار، جتي بيهاريس اتي بيهندو ڇو ته ٻار ماحول جي پيدوار آهي.
سوال: ٻار جي تربيت جا ڪهڙا بنيادي اصول آهن؟
جواب: ٻار ماءُ جي پيٽان ڄمي ٿو تو بکيو ۽ اُڃو هوندو آهي، ماءُ ان کي مُمو پيڻ لاءِ وات ۾ وجهندي آهي. ٻار ان کي چوسي چوسي ڌڳڙيندو کير پيئندو رهندو آهي. ماءُ هن کي رڳو مُمو وات ۾ وجهندي پر چوسڻ ڪا نه سيکاريندي آهي. اها ٻار جي پنهنجي ڏاهپ آهي، ان کي سونجهه چوندا آهن. سونجهه سکڻ جو پهريون ڏاڪو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته ماءُ جي هنج اولاد جي پهرين درسگاهه آهي. ٻيو ڏاڪو سکڻ جو آهي. ٻار جي پڇ پڇ جنهن ۾ ٻار جي رهبري ڪرڻ گهرجي. ڪڪ يا بيزار ٿيڻ نه گهرجي نه ته ٻار جي دلچسپي ختم ٿي ويندي ۽ موڳو ٿيو وتندو.
سوال: اڄ جو شاگرد پڙهي گهٽ ٿو، پر سياست وڌيڪ ٿو ڪري، ان بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: شاگرد کي جي اها سُڌ هجي ته سياست جا قومي ڪپهري يا مداري کيس باندر واريون بولاٽيون ۽ بازوليون ڏياري ڏياري پنهنجو مقصد ماڻي، پوءِ پٺيرا ٿي ويندا ته هوند ڪڏهن به سياست جو سُر آلاپڻ کان توبهه ڀري ڇڏي.
سوال: ٻار کي پڙهڻ ڏانهن ڪيئن راغب ڪجي؟
جواب: ٻار پنجن سالن جو ٿئي ته کيس ڀرواري اسڪول ۾ داخل ڪرائجي، پوءِ ان جي تعليم تربيت ۽ تاًبيت استاد جي ئي هٿ وس ۾ رهندي پر پڙهائي ڪاڻ بهتر اسڪول چونڊڻ مائٽن جي ذمي آهي.
سوال: اوهان جا همعصر مشهور شاعر ۽ اديب ڪهڙا هئا؟
جواب: ولي حسن شاهه علوي، عبدالحميد سومرو، محمد عرس صوفي بڪيرا شريف، گل محمدآزاد صوفي، محمد موسيٰ ميمڻ ۽ غلام مرتضيٰ شاهه، جڏهن بڪيرا شريف مان شادي ڪئي ته پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، پاڻ شاعر زمان، سارو عشقي داستان آهي، الله سائين ڏينهن ڏيس!
سوال: اڄ جي ادب بابت اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟
جواب: پهرين ”ادب“ لفظ کي سمجهڻ گهرجي. الله تعاليٰ فرمايو ”ومامِن دآبة في الارض عليٰ الله رزقها“ اهو چرندڙ ڦرندڙ ساهه ڌرتيءَ تي ناهي، جنهن جو رزق الله جي ڪرم تي ناهي، داب، چرندڙ ڦرندڙ ساهوارو، ادب چرندڙ ڦرندڙ ٻولي دنيا جي هڙ