Moulana Abdul Karim Chasti

1 min read

ـ مولانا عبدالڪريم چشتي شڪارپوري…

ابڙو عبدالڪريم چشتي: مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ” چشتي “ سن 1314ھ مطابق 1896ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو ، ابتدائي تعليم پنھنجي ويجھي عزيز مولانا غلام رسول چشتيءَ وٽان حاصل ڪيائين . عربي ۽ فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم شڪارپور جي ” وڪٽوريه جوبلي انسٽيٽيوٽ “ ۾ مولانا عبدالرحمان ميمڻ وٽ حاصل ڪري 1917ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو . فارغ ٿيڻ کان پوءِ 1917ع ۾ انڊين ھوم رول ليگ ۾ شامل ٿيو . سن 1918ع ۾ ڪانگريس ۾ آيو . ھن شڪارپور ۾ ” انجمن مجاھدين -اسلام- “ تنظيم قائم ڪئي . 1919ع ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 1920ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو . ھن 1912ع ۾ شڪارپور ۾ ” محموديه عربيه “ مدرسو نالي قائم ڪيو . 1924ع ۾ ” انجمن -اشاعت- -الاسلام- شڪارپور “ جو بنياد رکيائين . -ان- کان پوءِ تبليغ ۽ تنظيم جو ڪم ڪندو رھيو . سال 1927ع کان 1929ع تائين صحافت سان واسطو رھيس . 1950ع ۾ يارھين ” سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ” محبانِ سنڌ “ جو خطاب حاصل ڪيائين . ساڳئي سال ۾ شڪارپور ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ ٿي رھيو ، -ان- کان علاوه نيو ايرا ھاءِ اسڪول موجوده قاضي حبيب -الله- ھاءِ اسڪول شڪارپور جو چونڊيل صدر ، ” مدرسه عربيه محموديه “ شڪارپور جو صدر ، ” انجمن اھل سنت “ شڪارپور جو صدر ، ” انجمن طلباءِ شڪارپور “ جو صدر ، جمعيت العلماءِ -اسلام- شڪارپور جو نائب صدر ۽ جامع دينيه دارالھديٰ ٺيڙھي جو نائب صدر ٿي رھيو . مولانا صاحب 55 ڪتاب تصنيف ڪيا ، جن مان 7 فارسيءَ ۾ ۽ باقي سنڌي زبان ۾ آھن . مولانا صاحب حياتيءَ ۾ 3 حج ڪيا . ھن 1964ع ۾ وفات ڪئي ـ

الترجمته القران الڪريم تان کنيل

(اياز غوث ميمڻ)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!