Nazir Abbassi

 

 

 

 

 

 

 

 

پني عاقل جي سونھن ،سنڌي ثقافت جو امين

مرحوم نظير عباسي

قلمڪار،سماج سڌارڪ ،ڪامريڊ صحافي  مرحوم نظير احمد عباسي 19آگسٽ 1973ع ۾وڏيري محمد موسا ڪلھوڙي جي گھر ڳوٺ موليڏني ڪلھوڙي نزد پنو عاقل  جنم ورتو  ھي  بطور صحافي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن سان واڳيل رھيو ۽ پاڻ ايڊٽ ڪيائين انھن ۾تنوارون سھڻي سنڌ ڪشش پيغام عباسيہ ،تخت عباسيہ سرتيون ۽ڇانورو شامل آھن ھن سنڌ سنڌي ٻولي لاء متحرڪ ڪردار ادا ڪيو خاص طور ڪلھوڙا برادري کي منظم ڪرڻ ۽ ڪلھوڙا دور جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ ڪلھوڙا دور جي يادگار ماڳن مڪانن کي محفوظ ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙيو، ڊاڪيومينٽيشن ڪئي عباسي ڪلھوڙا اتحاد ۽ ڪلھوڙا ھسٽاريڪل فورم جو مرڪزي اڳواڻ ھو ڪھف طرفان لياقت منصور عباسي  سان گڏ ڪيئي ڪلھوڙا دور جي حوالي سان سکر ٻين شھرن ۾عاليشان ڪانفرنسون سيمينار ڪرايائين ميان آدم شاہ جي عرس ملھائڻ لاء تحرڪ ورتائين ميان آدم شاہ ميان دين محمد ،ميان نصير محمد جي وطن دوست ۽ سنڌ دوست ڪردار تي پروگرام ڪيائين کيس ڪيئي مڃتا ايوارڊ مليا عورتن جي سڄاڳي ۽ انھن جي حقن لاء جاکوڙ جي سلسلي ۾  عورت فائونڊيشن ۾ ڪم ڪيائين ليڊ پاڪستان جو متحرڪ ڪارڪن رھيو سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رھيو  فقير پريل دايو جو دلبر۽ باوفا دوست ھو کيس پنھنجي پريس ۽ ڪمپوزنگ آفيس ھئي ،ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪتاب ڪلھوڙا دور حڪومت جي ڇپائي لاء ڪوششون ورتائين  سنڌي ثقافت جو امين ھو پٽڪو ۽ڪلھن تي اجرڪ سندس خاص سڃاڻپ ھئي ڪلھوڙن جي دور جي مقبول نعري ڪيو الله تو ھار  کي عام ڪيائين موڪلائڻ وقت ھميشہ سائين الله توهار ڪري موڪلائيندو ھو لطيف سائين جي سٽ جي عملي تصوير ھو

جان جان ھئي جيئري ورچي نہ ويٺي

 افسوس جو ھن لطيف جي جاکوڙي ڪردار کي ننڍي عمر ۾ ڪاري ڪامڻ جي موذي مرض پنھنجي چنبي ۾آندو ۽ مرض سان جھيڙيندي 27اپريل 2007ع۾ وفات ڪئي  سندس ياد ۾اياز عباسي (ڀاء) ڪتاب يادن جا ڏيئا ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي سندس ڀائرن مشتاق احمد ۽اياز احمد نظير جي دوستن سان ساڳيو ڀاء وارو رشتو رکيو ۽ نڀايو آھي ۽ سندس پٽ بشير نظير سندس ورثي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ۾رھيو آھي

جان جان ھئي جيئري ورچي نہ ويٺي

وڃي ڀون پيٺي سڪندي کي سڄڻين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!