Keerat Jothraam
ھند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪ، دانشور، مترجم ڪيرت ٻاٻاڻي (ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي) 3 جنوري 1922ع تي ڳوٺ موريو لاکو تعلقو سڪرنڊ ضلعي نواب شاھ ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 7 مئي 2007ع تي پرلوڪ پڌاريو، هن نواب شاھ مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ گريجوئيشن ۽ لا جي تعليم حاصل ڪئي، ڪيرت شروع کان ئي ترقي پسند خيالن جو ماڻهو هو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، قاضي فيض محمد سميت مختلف ترقي پسند شخصيتن سان ويجهڙائي رهيس، سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رهيو، رسالي نئين زندگي، اخبار هاري حقدار سان به لاڳاپيل رهيو، ورھاڱي کان پوءِ مجبور ٿي سنڌ ڇڏيائين، ڪيرت ٻاٻاڻي هند ۾ به سنڌ کي نه وساريو، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڪافي ڪم ڪيائين، ٻوليءَ جي مختلف تنظيمن ۽ ادارن سان لاڳاپيل رهيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هوءَ (ڪهاڻيون)، مالوا (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو)، ڪولي (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو)، جو درد دل ۾ سمائجي نہ سگهيو (ڪهاڻيون)، سوريءَ سڏ ڪيو (ناٽڪ)، ادب ۾ قدرن جو سوال (تنقيد)، لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت، اوک ڊوک (تنقيد)، چونڊ سنڌي مضمون، جيڪي ڏٺو هو مون (روس جو سفرنامو)، اٻول رڻي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو، ، امن جي افق ڏانهن، پيهي منجھ پاتال، جيئي سنڌ سدا جيئي (ڪهاڻيون)، نہ ليليٰ نہ مجنون (ڪهاڻيون)، چونڊ سنڌي ڪهاڻيون، چونڊ سنڌي مضمون، اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو، ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم (آتم ڪٿا)، لڪيو لياڪا پائين (شاعري)، ڌرتيءَ جو سڏ (ناٽڪ)، سو سڏ سو پڙاڏو ( خط)، مراٺي ادب جي تاريخ (ترجمو) وغیرہ شامل آهن..