Rizwan Gul

 

رضوان گل

شاعر، محقق ۽ لطيف شناس

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڪائنات جي وسعتن ۽ ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ته شايد ممڪن هجي پر ڪنهن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ انتهائي مشڪل مرحلو ٿئي ٿو، ڇو ته پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ آهن، پر پيار هر معنى ۾ پنهنجي ڪشش ۽ خوبصورتي رکندڙ آهي. سدائين اڻ مَيو پيار ڏيندڙ اهڙن ئي پيارن انسانن مان ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ به هڪ آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق ۽ لطيفيات جي حوالي سان قدر قابل ڪم ڪيو  آهي.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد پهرين اپريل 1942ع ۾ آغا درمحمد پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم وارا ڪجهه درجا پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڏڙن جي مستقل طور لاڙڪاڻي لڏي اچڻ سبب، بعد وارو تعليمي سفر لاڙڪاڻي ۾ جاري رکيو. مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ انٽر ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪريءَ جو آغاز پرائمري استاد طور ڪيائين، جنهن بعد 1973 ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور سندس تقرري سانگھڙ جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ٿي، جتي ٻه سال رهڻ بعد لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاڻ 1 اپريل 2002 تي سنڌي شعبي جي چيئرمئن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتائين. ٻه سالن جي قليل عرصي بعد زيبسٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب جي استاد طور ڪم ڪرڻ جي کيس خصوصي طور آڇ ٿي، جتي هن وقت سنڌي شعبي جي سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ڊاڪٽر شاد پنهنجي ادبي سفر جو آغاز شاعريءَ سان ڪيو. پڙهڻ لکڻ وارو ماحول کيس اسڪول واري زماني کان ئي مليو جنهن سبب هن ڪيترن ئي موضوعن تي لکيل ڪتاب ڪاليج واري دؤر ۾ ئي پڙهيا. نه صرف پڙهيا پر انهن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا، جو ان وقت ادب پڙهندڙن جي هڪ لٽرري سرڪل سنڌ اسٽڊي سرڪل ٺهيل هئي جنهن ۾ ڪتابن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي ته ليڪچر ۽ ننڍڙيون ادبي گڏجاڻيون پڻ. انهن گڏجاڻين ۽ ادب جو ذوق پيدا ڪرائڻ وارن استادن ۾ پروفيسر غلام الله شيخ جو نالو اهميت وارو آهي، جنهن انهن سڀني شاگردن کي گڏ ڪري لٽرري سرڪل جو بنياد وجهي، نوجوانن ۾ ادب پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. ڊاڪٽر شاد جو ادبي شوق ۽ ڪتابن سان لاڳاپو ان دؤر کان وٺي اڄ تائين ساڳئي ريت برقرار آهي. هن جي ذاتي لائبريريءِ ۾ مختلف موضوعن تي 4000 کان مٿي ڪتاب موجود هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.

ڊاڪٽر شاد جي بنيادي حيثيت هڪ پختي شاعر واري آهي. هن سنڌي شاعريءَ کي ڪيئي امر سٽون ارپيون آهن. هڪ شاعر واري حيثيت ۾ ساڻس مختلف شهرن ۾ شامون ۽ رهاڻيون به رچايون ويون آهن. جتوڻيڪ ”اوجاڳو اکڙين“ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي پر ان کان پوءِ به ڊاڪٽر صاحب جي ڳچ شاعري منظرِ عام تي آئي آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي سگھي ٿي.

ادب جا سبق پڙهائيندي پڙهائيندي، پاڻ تحقيق جي شعبي ۾ به ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي علمي، ادبي موضوعن تي پُرمغز مقالا لکيائين. اڳتي هلي ڊاڪٽر شاد، نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي نگرانيءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع ”مولانا ثناءُالله ثنائي جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. اهڙي طرح هن 1989 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ملڪي توڙي صوبائي سطح جي ادبي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ سبب ڊاڪٽر شاد جي ادبي دوستيءَ جو حلقو پڻ ڪافي وسيع ٿي ويو.

سنڌ ۾ صوفياءِ ڪرام جي درگاهن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڻ سندس تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو آهي. خاص طور تي حضرت شاهه عبداللطيف ۽ حضرت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪرڻ سالن کان سندس معمول رهيو آهي. ڀٽائيءَ سان انتهائي عقيدت هئڻ سبب ڪيتري ئي وقت کان پاڻ لطيفيات جي موضوع تي ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل 13 ڪتابن مان 6 ڪتابن جو لطيفيات جي موضوع تي هئڻ ڀٽائيءَ سان سندس بي انتها عقيدت ۽ محبت جو ثبوت آهي. ڀٽائي تي لکيل سندس ڪتاب ”عرفانِ لطيف“ جا هيل تائين پنج ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ ڪتاب جو بار بار ڇپجڻ پڙهندڙن ۾ ان ڪتاب جي مقبوليت ۽ اهميت ظاهر ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب هن وقت شاهه جي رسالي مان ”موضوعاتِ لطيف“ ترتيب ڏيڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي.

ڊاڪٽر شاد جي ڇپيل ڪتابن ۾”امام شامل“ ترجمو، ”عرفانِ لطيف“ لطيفيات، ”فڪرِ لطيف“ لطيفيات، ”اوجاڳو اکڙين“ شاعري، ”الله سائينءَ جي ڏاچي“ ترجمو، ”پيهي منج پاتال _ ڀلارو ڀٽ ڌڻي“ لطيفيات، ”اسلامي تاريخ جون نامياريون عورتون“ ترجمو، ”لاڙڪاڻو صدين کان“ تحقيق ۽ ترتيب، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ڊاڪٽر بلوچ جي مقالن جي سهيڙ)، ”ڀٽ جو گھوٽ“ لطيفيات، ”جيون پيڙا پيار“ (لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون)، ”حياتِ اقبال“ ترجمو، ”شاهه لطيف هر دؤر جو شاعر“ لطيفيات شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت کان علاوه بزمِ سچل، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز سان سندس ادبي وابستگي رهي آهي. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو بنياد 1982 ۾ پاڻ ئي رکيائين، جنهن پلئـٽفارم تان سنڌ سطح جون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون، ۽ مشاعرا ڪوٺايا ويا آهن ۽ انهن پروگرامن ۾ سنڌ جي ناليوارن ليکڪن شرڪت ڪئي آهي. سچل ادبي مرڪز لاءِ 1985 ۾ پنهنجي ادبي دوست ۽ شاگرد انيس گل عباسي سان گڏجي الڳ پلاٽ حاصل ڪري، ٻين ذاتي دوستن کان مدد وٺي ان تي تعمير ڪرائي گرائونڊ فلور تيار ڪرايو، جنهن ۾ هن وقت ادبي مرڪز جي آفيس موجود آهي.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد ادب جي جن شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي انهن ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق، تنقيد، ترجمو، ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاري شامل آهن. هن ڪيترين ئي شخصيتن تي مضمون ۽ روزاني اخبارن ۾ ڪالم لکيا آهن. ”شاهه لطيف جي هڪ بيت جي شرح“ جي عنوان تحت روزاني ”عوامي آواز“ جي ادبي صفحي ۾ ڪيتري ئي وقت تائين مختصر ڪالم لکندو رهيو، جنهن کي ادبي حلقي ۾ ڀرپور ساراهيو ويو، 60ع واري ڏهاڪي کان مستقل طور سنڌ جي مڙني رسالن ۾ سندس مواد شايع ٿيندو رهيو آهي.

نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي ڊاڪٽر شاد بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”بشير احمد هڪ خاموش طبع ۽ پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هن خاموش ليکڪ جون سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. سندس لکڻين ۾ جيڪا گھرائي ۽ گيرائي آهي، اها اڄ ڪلهه جي ليکڪن، محققن ۽ نقادن جي حوالي سان گھٽ اديبن جي حصي ۾ آيل آهي.“  نامياري شاعر احمد خان مدهوش ڊاڪٽر شاد کي منظوم خراج پيش ڪندي لکيو:

سچل جو شيدائي وطن جو ثناگر،

سندس خاندان آهي آغا نشانبر.

مگر سنڌ جو آهي خادم سراسر،

تڏهن کيس سمجهو مون سنڌي اڪابر.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد هڪ گهڻ ڳڻو انسان آهي، جنهن وٽ مهمانن جو مانُ ۽ دوستن جو قدر به آهي ته ادبي لڏي سان هٿ جوڙ واري واٽ پڻ. غزل جي خوبصورت شاعر وفا ناٿن شاهي ادبي مرڪز جي تاثراتي نوٽ بڪ تي ڊاڪٽر شاد بابت راءِ ۾ لکيو هو ته: ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي محبتي روّيي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. شاد صاحب تمام سٺو شاعر، تمام سٺو دوست ۽ تمام سٺو انسان آهي. ٽئي خوبيون هڪ شاد صاحب ۾ موجود آهن. سندس طبعيت، سڀاءُ، زبان، ڪردار ۽ معيار سڀ خوبيون ساراهڻ جوڳيون آهن. شاد صاحب ادب جون محفلون سجايون ويٺو آهي ۽ رات ڏينهن علم ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“

ڊاڪٽر شاد جيڪي مختلف ادبي ايوارڊ ماڻيا آهن انهن ۾، شاهه لطيف ايوارڊ 1980، فڪر و نظر ايوارڊ 1984، شاهه عباللطيف ايوارڊ 1989 سنڌ مدرسته السلام ڪراچي، شاهه لطيف ايوارڊ 1994 ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، بهترين مقرر جو ايوارڊ 1996 ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، ميان شاهل محمد ايوارڊ 1998 ڪلهوڙا عباسي تنظيم سنڌ، فيض بخشاپوري ادبي ايوارڊ 1999 فيض بخشاپوري اڪيڊمي جيڪب آباد، عبدالواحد سنڌي ادبي ايوارڊ 1999 ماهوار نئين زندگي حيدرآباد، قلندر شهباز ادبي ايوارڊ 2000 لعل شهباز ادبي ڪاميٽي سيوهڻ، سچل سرمست ادبي ايوارڊ 2000 سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور، لاڙڪاڻو هسٽري ايوارڊ 2002 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽري يادگار شيلڊ 2005 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽري يادگار شيلڊ 2007 لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، قاضي عبد الحئي قائل ايوارڊ 2010 قاضي عبدالحئي اڪيڊمي ۽ سنگت ايوارڊ 2010 سنڌي ادبي سنگت سنڌ شامل آهن.

ڊاڪٽر شاد پنهنجي اولاد کي به ادبي تربيت ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٽي فرزند، احسان دانش (ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، محقق)، رضوان گل (شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم) ۽ آغا عمران (ڪهاڻيڪار) پڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر شاد ادب جي جوت جلائيندو رهي ٿو، ان علم ۽ شعور جي روشنيءَ مان اڄ به ڪيترائي نوجوان لکاري پنهنجا اندر روشن ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!