Azam Bhatti

 

 

 

 

 

 

 

 

 

اعظم ڀٽي 

 اعظم ڀٽي سينيئر صحافي ، ليکڪ ، شاعر ۽ ڪمپيئر آهي۔ سندس والد جو نالو محمد اشرف ڀٽي آهي، سندس جنم 6  جولائي 1977 ۾ پير محلي ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو۔ پرائمري تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محله مان حاصل ڪيائين. 1993ع ۾ دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان ميٽرڪ ۽ 1998 ۾ بي اي ۽ 2001 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي ڪيائين۔ اعظم ڀٽي گھڻ پاسائين شخصيت رهيو آهي انهيءَ ڪري سندس مشغلن ۾ صحافت ،ڪمپئرنگ ، قومپرست سياست ، علم وادب سان وابستگي سندس محبوب مشغله رهيا آهن ۔ علم و ادب ۾ ڪالم نويسي ، مضمون نويسي . شاعري ، خاڪا ۽ ڪهاڻين لکڻ تي به ملڪو حاصل اٿس ، .سندس ڪهاڻيون ، مضمون ،ڪالم،فيچر ۽ شاعري  عبرت مئگزين ، مهراڻ ، هزارداستان ،سنڌو ڊائجيسٽ ، سنڌي ٻارڙا، گل ڦل، مهراڻ مالها مئگزين ، شهيد راڻي مئگزين رسالن سميت روزاني آفتاب ،  عبرت، عوامي آواز ،هلال پاڪستان ، خبرون ، شام ، ڪوشش ، عوامي فورم ، تعمير سنڌ ، مهراڻ ، پنهرنهن روزه ڏات اخبار ، هفتيوار ”ماڳ“ ، هفتيوار ”ماروئڙا نيوز“ ۾ سندس لکڻيون ڇپجي چڪيون آهن 1995ع کان باقاعده صحافت جي شروعات ڪيائين. روزاني آفتاب ، بختور ، سوال ، سنڌ ، تعميرسنڌ ، عوامي فورم ، خبرون اخبارن جو ٽنڊو محمد خان ۾ رپورٽر رهيو. ٽنڊو محمد خان مان نڪرندڙ ”ڏات“ اخبار جو  ايڊيٽر رهيو۔ ”هفتيوار ماروئڙا نيوز “ ٽنڊو محمد خان جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج ،2014ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ مئگزين ”مهراڻ مالها “ مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، 2014ع کان حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ مئگزين ” شهيد راڻي “ جي سهڪاري سٿ ۾ شامل رهيو۔ ادبي وابستگي جي حوالي سان 2012ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو۔ 26 جون 2013ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. وري 2 جون 2014ع تي ٻيهر سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. 19 اپريل 2015ع تي سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جو ضلعي رابطه سيڪريٽري چونڊيو ويو. تعلقه ، سٽي ۽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۽ يونين آف جرنلسٽس جي  مختلف عهدن تي رهيو آهي۔ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي ڪلچرل ڪميٽي جو سربراهه رهيو . مهراڻ ادبي فورم، عوامي ادبي فورم ۽ لطيفي ادبي فورم جو به روح روان رهيو آهي، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترين ئي لائبريرين جي قيام ۾ حصو وٺي بهترين ڪردار ادا ڪيائين، سماجي وابستگي ۾ ٽنڊو محمد خان هسٽاريڪل سوسائٽي ، مدني سوشل ويلفيئر سوسائٽي ، سنڌ نوجوان ترقي پسند فلاحي تنظيم ، ساٿ ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ، لطيفي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ، سنڌي فلاحي تنظيم ٽنڊو محمد خان ، سنڌ اويئرنيس آرگنائيزيشن  جي پليٽ فارمن تان علمي ، ادبي ،ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مک ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔هن وقت ٽنڊو محمد خان جي تاريخ ، علمي ، ادبي ،ثقافتي ،سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي ۽ ٽنڊو محمد خان جي صحافتي تاريخ تي تحقيقي ڪم سرانجام ڏنو اٿس۔ سندس اهي ڪاوشون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ تي پڻ اپ لوڊ ٿيل آهن. فوٽو گرافي محبوب مشعلو اٿس، تاريخي جاين ، ماڳن ۽ مڪانن جا ڦوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪندو رهي ٿو، هن وقت به شاعري سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون ، تجزيا، ڪالم ۽  مقالا لکي رهيو آهي۔

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!