Jay Thee Sipha Milaani
سنڌ جي نالي واري سياسي سماجي اڳواڻ ڄيٺي سپاهيملاڻي 10 فيبروري 1906ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي، گريجوئيشن ڊي. جي. سائنس ڪاليج مان ڪئي، ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ ڪانگريس جي ميمبر ٿي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، سائيمن ڪميشن ننڍي کنڊ ۾ آئي، ته ڄيٺي سپاهيملاڻي سڀني شاگردن کي ساڻ ڪري ان جي خلاف جلوس ڪڍي نعريبازي ڪئي، مختلف وقتن تي جيل ۾ به رهي، سندس ماءُ جي وفات به سندس جيل ۾ ھئڻ دوران ٿي، ڄيٺي سپاهيملاڻي ٿياسافيڪل سوسائٽي سان به لاڳاپيل رهي، ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جي ميمبر به رهي، ھن عورتن جي ڀلائي ۽ تعليم لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، آل انڊيا وومين ڪانفرنس سنڌ جي صدر رھي، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبر رهي، بمبئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ ٿيندڙ پھرين چونڊن ۾ ڄيٺي سپاهيملاڻي ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي وئي ۽ کيس سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو، ڄيٺي سپاهيملاڻي ورھاڱي کان پوءِ به ھتي رھڻ چاھيو، پر سال کان پوءِ وڌندڙ وڳوڙن جي ڪري بمبئي شفٽ ٿي وئي، ڀارت ۾ به پنهنجو سياسي سفر جاري رکيائين، مهاراشٽرا ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمئن رهي، مختلف ڪميٽين/ڪائونسلس جي ميمبر ۽ اڳواڻ رھي، ھن سنڌ مان ڀارت لڏي ويندڙ سنڌين جي آبادڪاري ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو، ھن 21 مئي 1978ع تي وفات ڪئي..