Roshana Mughal

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

ورسي: روشنآرامغل

روشن آرا مغل جو نالو سنڌي عورتن جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو .هوءَ شڪارپور شهر جي هڪ روشن خيال ڪٽنب ۾ 27 جون 1924ع ۾ پيدا ٿي .هن جي مائٽن کي ٻه ڌيئرون هيون ،روشن آرا پنهنجي وڏي ڀيڻ بادام ناتوان کان 4 سال ننڍي هئي .هي نينگريون ٻاراڻي وهيءَ ۾ هيون ته سندن پيءُ چالاڻو ڪيو .کين بيواهه ماءُ جي سهاري اُسرڻو ۽ وڌڻو پيو .سندس ماءُ شڪارپور جي زناني اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي ۽ اهڙيءَ ريت کين ورثي ۾ غريبيءَ ۽ مفلسيءَ سان گڏ علم جو ساٿ مليو .ان غربت ۽ مفلسيءَ جي حالتن ،روشن تي اهڙا اونها اثر وڌا جو شادي ڪيل زندگي گهاريندي به خودياوري ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي اصولن تي عمل ڪرڻ تي فخر محسوس ڪندي هئي.

ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ پوري ڪري سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۾ پرايائين ،جتي سندس ڀيڻ بادام ناتوان اڳئي پڙهندي هئي .کيس پنج رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي .ٻئي ڀينرون هاسٽل ۾ رهنديون هيون .غريبيءَ سبب سندن زندگي ڏکي گذرندي هئي ،پر ڏکن جون هيراڪ هيون ،صبر ۽ کانڌ سان حالتن کي منهن ڏيڻ سندن سڀاءُ ٿي ويو هو.

روشن آرا ،1941ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ،جنهن بعد شڪارپور ۾ اچي ڪاليج ۾ داخل ٿي ۽ سائنس جو مضمون کنيائين .سائنس جي پهرئين سال جي سالياني امتحان ۾ ناپاس ٿي .ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي .جي .سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي .1943ع ۾ فرسٽ ايئر( سائنس )جو امتحان پاس ڪري انٽر سائنس ۾ آئي .انهيءَ سال به کيس ڀاڳ نه ڀِڙايو ۽ ناپاس ٿي ،پر ناڪامين کان ڊني ڪانه ،بلڪ همت ۽ اتساهه سان حالتن کي منهن ڏنائين ۽ اڀياس جاري رکيائين ۽ آخرڪار 1947ع ۾ بي .ايس .سي پاس ڪري ،بمبئي يونيورسٽيءَ جي سائنس گرئجوئيٽ بڻي.

روشن آرا ،ڊي .جي .سنڌ ڪاليج جي شاگرديءَ دوران سنڌي عورتن لاءِ ’ساٿي ‘نالي رسالو ڪڍندي هئي ،جنهن ۾ سندس مڌر گيت ۽ حقيقت افروزمضمون ڇپبا هئا .هوءَ ڪاليج جي هر شغل ۾ حصو وٺندي هئي.

بمبئيءَ يونيورسٽيءَ مان بي .ايس .سي جي سند وٺڻ کان پوءِ روشن آرا ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1952ع ۾ ايم .اي( سنڌي )ڪئي .ان بعد ايل .ايل .بي پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخل ٿي .1954ع ۾ ايل .ايل .بيءَ جو پهريون سال پاس ڪيائين .ان کان پوءِ ٻارن جي نفسيات ۾ ڊپلوما ڪيائين .ايل .ايل .بي جو آخري سال پاس ڪرڻ ۾ پنج مهينا هئس ته ظالم موت کيس اها تمنا پوري ڪرڻ نه ڏني.

روشن آرا مغل تعليمي ميدان ۾ پاڻ چڱو پتوڙيو ،ڪجهه عرصو ميونسپل اسڪول بورڊ شڪارپور جي مکيه ميمبر رهي .اسڪول بورڊ جي ڪاروبار ۽ تعليمي ڪوششن ۾ دلچسپي ورتائين .1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي ميمبر رهي .1948ع ۾ مسٽر اسحاق سان ڪراچيءَ ۾ شادي ڪيائين .شاديءَ واري زندگيءَ ۾ به خودياوريءَ جي آدرش تي قائم رهي .زندگيءَ جي ساٿيءَ جو کيس مڪمل سهڪار حاصل رهيو .1948ع کان ڪراچيءَ ۾ گرلس اسڪولن جي اسسٽنٽ انسپيڪٽريس مقرر ٿي .آڪٽوبر 1952ع ۾ پاڪستان سرڪار جي خرچ تي آمريڪا ۾ زرعي ،تعليمي ۽ سماجي طريقن ۽ سکيا لاءِ آمريڪا وئي ۽ انهيءَ ڏس ۾ آمريڪا جي عالمن سان لهه وچڙ ۾ اچي چڱو آزمودو پرايائين .ٻارن جي نفسيات( Child Psychology )جو اڀياس ڪري ڊپلوما حاصل ڪيائين .کيس آمريڪا سان گڏ جپان ،هانگ ڪانگ ،برما ۽ اوڀر پاڪستان( موجوده بنگلاديش )ڏسڻ جا به موقعا مليا .اهڙي ريت اپريل 1953ع ۾ وطن واپس وري ،ٻيو دفعو سيلون( ڪولمبو )مارچ 1955ع ۾ وئي ۽ اپريل ۾ واپس آئي.

روشن آرا مغل هڪ سچي سنڌ دوست عورت هئي ،سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ هن کي بي پناهه محبت هئي .ڀٽائيءَ لاءِ خاص عقيدت هئس ،ان عقيدت جي پيش نظر سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ لطيف سوسائٽي برپا ڪيائين ،جنهن جي هوءَ پهرين سيڪريٽري هئي .وفات کان چند مهينا اڳ هن ڪاليج ۾ ’يوم لطيف ‘ملهائڻ جو فيصلو ڪيو .انهيءَ جلسي جي ڪاميابيءَ لاءِ هن سرٽوڙ ڪوشش ڪئي ،نيٺ جلسو اهڙو ٿيو ،جيڪو ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ شايد ٿيو هجي .جلسي ۾ هن شاهه صاحب جي تعليمات تي هلڻ لاءِ شاگردن کي تلقين ڪئي .جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ هوءَ حد کان وڌيڪ خوش هئي ،ائين معلوم ٿي رهيو هو ته هن شاهه جي ورسي ملهائي ڄڻ قوم جو فرض پورو ڪيو آهي .سشيلا مهتاڻيءَ جي ڳايل وجد آميز شاهه جي ڪلام مٿس ايترو ته اثر ڪيو ،جو هن وٽس شاهه جو ڪلام سکڻ جو اظهار ڪيو.

روشن آرا کي سنڌي قوم جو زبردست اونو هو .خاص ڪري عورتن جي سلسلي ۾ کيس اها ڳالهه خاص ڏک پهچائيندي هئي ته سنڌي عورتون ذهني ،سماجي ۽ سياسي طرح پوئتي آهن .هن پڪو پهه ڪيو ته تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هوءَ عملي طرح سنڌي عورتن ۾ ڪم ڪندي ۽ باقي زندگي سندن ذهني ،سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ جدوجهد ۾ صرف ڪندي.

روشن آرا مذهبي تنگ نظري ،پڙدي ،گهڻين شادين ،اولاد جي شادين ۾ مائٽن جي دخل ڏيڻ ۽ ٻين ڪُرسمن جي بلڪل خلاف هئي ۽ انهن ڳالهين کي سماج لاءِ ڪينسر سمجهندي هئي.

وفات کان ڪجهه وقت اڳ 1955ع جي ابتدا ۾ روشن آرا جي طبيعت ۾ عجيب ڦيرو اچي ويو .هوءَ حد کان وڌيڪ سرگرم رهي ،دوستن ۾ ڪافي چاهه وٺڻ لڳي ،شايد موت جي فرشتي کيس اها ڄاڻ ڏئي ڇڏي هئي ته جيڪي ڪرڻو اٿئي جلد ڪري وٺ.

روشن آرا جي ازدواجي زندگي به نهايت ڪامياب وئي .سندس ادبي ساٿين ۾ محمد ابراهيم جويو ،شيخ اياز ،تنوير عباسي ،عبدالغفور انصاري ،شيخ حفيظ ،موهني رامواڻي ۽ رشيد ڀٽي شامل هئا.

روشن آرا مئي 1955ع جي آخري ڏهاڙن ۾ اوچتو بيمار ٿي پئي ۽ هن 25 مئي 1955ع تي وفات ڪئي .سندس وفات تعليمي حلقي کي وڏو ڌچڪو رسايو.

سندس وفات کان پوءِ سندس ساٿين ماهوار رسالي ’شاگرد ‘جو هڪ خاص پرچو ’روشن نمبر ‘ڪڍيو ،جنهن ۾ روشن مغل جي شاعري ۽ لکڻين کان سواءِ محمد ابراهيم جويي ،موهني رامواڻي ،غفور انصاري ،شيخ اياز ،تنوير عباسي ،ميران محمد شاهه ،ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي ،شيخ حفيظ ۽ سندس ڀيڻ بادام ناتوان جا مضمون شامل آهن.

Courtesy: Encyclopedia Sindhiana.(خالد چانڊيو جي وال تان)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!