Syed Mohammad Ali Shah

سيد محمد عالم شاهه عالم

سيد محمد عالم شاهه ’عالم‘: سيد محمد عالم شاهه ٽکڙائي ’عالم‘، 2 فبروري 1889ع تي ٽکڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم لاءِ کيس علامه حافظ محمد يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. اتي تعليم حاصل ڪرڻ دوران هڪ ڏينهن جهالا ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر پرنگل مڪتب جو معائنو ڪرڻ آيو. مڪتب ۾ ٻين شاگردن سان گڏ محمد عالم شاه کان به چند سوال پڇيائين. پرنگل صاحب محمد عالم شاهه جي ذهانت کان متاثر ٿي سندس بزرگن کي چيو ته ’عالم شاهه کي انگريزي تعليم ڏياريو‘. عالم شاهه، علامه اسدالله شاهه ’فدا‘ وٽ عربيءَ جي تعليم وٺي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، جتي مئٽرڪ تائين پڙهيو، پر وڏيءَ ڄمار هجڻ ڪري کيس امتحان ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ وقت مئٽرڪ جي امتحان لاءِ عمر جي حد مقرر ٿيل هئي. محمد عالم شاهه مايوس ٿيو ته کيس نور محمد ۽ دين محمد عليگ صلاح ڏني ته ’عليڳڙهه پڙهڻ وڃ‘. ٿوري عرصي کانپوءِ محمد عالم شاهه عليڳڙهه وڃي پهتو، پر اتي به ڪامياب نه ٿيو ۽ واپس پنهنجي ديس اچي ويو ۽ ان کانپوءِ سندس تعليم حاصل ڪرڻ جو سلسلو هميشه لاءِ ڪٽجي ويو.

محمد عالم شاهه کي خانداني بزرگن جي صحبت هجڻ ڪري ننڍي هوندي کان ئي شاعريءَ جو شوق هو. شاعريءَ ۾ علامه اسدالله شاهه ’فدا‘ کان سکيا ورتائين. سندس شاعريءَ ۾ اڪثر نج سنڌي لفظ آيل آهن. سندس ڪافي ڪلام هو، پر اڳتي هلي هو علم ادب جي مشغلي کان ايترو ته پري ٿي ويو، جو سندس ڪتبخاني ۾ ڪيترا علمي ۽ ادبي نادر قلمي توڙي ڇاپي ڪتاب موجود هئا، جن ۾ سندس شاعريءَ جو بياض پڻ موجود هو، سو گهڻي وقت نه ڏسڻ ڪري اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو ۽ ان جو هڪڙو ورق به سلامت نه مليو. بس فقط چار ڪافيون ئي ملي سگهيون.

سنڌ جي هن بهترين شاعر، 30 مئي 1955ع تي وفات ڪئي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!