ڊاڪٽر پرڌان روپچند سوٽھڙ

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

======= تعزيت نامو =====

ڏک ڀري خبر آھي ته ڊاڪٽر پرڌان روپچند سوٽھڙ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. (1944—- 2023ع) ايشور در پراٿنا آھي ته انھن کي سورڱ ۾ جاءُ ڏي.

ڊاڪٽر صاحب لڳ ڀڳ اڌ صدي ٽنڊوالھيار  ۾ بطور خدمتگار جي حيثيت ۾ مريضن جو علاج ڪندي  سندن حوالي ڪري ڇڏي. . پاڻ سادي طبعيت رکندڙ پنهنجي  مزاج وارو انسان دوست شخص ھو ـ ڊاڪٽر  پرڌان ھڪ بھترين ليکڪ ۽ ڪالم نگار طور به  پنهنجي  ادبي خدمت ۾ مڃرايو. پرڌان صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب کي وڌيڪ شاھوڪار ڪرڻ ۾ پنهنجو قيمتي حصو ملاءيندي ان کي مالا مال ڪيو.  سندس 2 ڪتاب امرتا پبليڪيشن  پاران ڇپاءي پڌرا ڪيا ويا.

سنڌ جي ڀلوڙ عوام شاعر سيد مرتضا ڏاڏاھي سان سندس دوستي تقريباً  40/45 سالن تي ٻڌل رھي. سندن ڪچھري ۾ کل ڀوڳ ٻڌڻ جھڙا ھوندا ھءا .!سنڌ ماڊل ھاء اسڪول ٽنڊوالھيار,  جي سامھون سندس سادي ۽ عوامي اسپتال غريب مريضن جو سھارو ٿي ڏٺي.  ـ جتي پاڻ روزانو ميرپورخاص مان بس/ ڪوسٽر وسيلي اچي حاضر ٿيندو ھو. اخبارون ـ رسالا پڙھڻ جو شوق ذوق منجھس گھڻو رھيو.  ايتريقدر پاڻ روزاني ڪاوش جي “ھاءيڊ پارڪ” ۾ منهنجا لکيل خط شايع ٿيڻ تي خوشي جو اظھار ڪندي شاباس ۽ ھمت افزاءي ڪندو ھو.

ڊاڪٽر پرڌان روپچند, جي گهڻو ڪري دعاسلام ڪچھري ادب دوستن سان وڌيڪ رھي. ٽنڊوالھيار ۾ ساءين مرتضا ڏاڏاھي سان ملاقات بعد ساڻس ملڻ ۽ سلام ڪرڻ لاء حاضري ٿيندي ھي جيڪا ڳچ عرصو ٿيو جو منهنجي  حادثي سبب حيدرآباد کان اچڻ وڃڻ گھٽ ٿيڻ ڪري  نه ٿي سگھي جنهن  جو افسوس رھندو. !!!

ڊاڪٽر  پرڌان صاحب جھڙو سچار مخلص ۽ ھمدرد انسان جو ھڪ دؤر رھيو ۽ ھڪ تاريخ  ھءي جيڪا اڄ اسان کان موڪلاءي ھن پار ھلي وءي آھي.!!

ڊاڪٽر  صاحب جي زندگيء دوران محترم عبد الله جروار ۽ جناب فقير محمد ڍول توڙي ٻين ليکڪن سندس باري ۾ آگاھي ڏني ـ سندس فرزند/اولاد تعليم ۾ ڀڙ آھي ـ ھڪ فرزند ڊپٽي ڪمشنر جي منصب تي پھتو آھي.

ميرپور خاص ۾ 24ـ05-2023 تي سندس ڌرم موجب آخري رسمون ٿيڻ جا اطلاع آھن .

رب ساءين! مٿس ڪرم و نوازش فرمائي  ـ

منظور ڪالرو

24/05/23

12:48

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!