Abdul Hameed Soomro

 

 

 

 

 

 

ٽنڊي الهيار جو وساريل قادرالڪلام شاعر

 عبدالحميد “منتظر” سومرو  مرحوم

تحرير : عبدالله جروار

ٽنڊي الهيار جي زرخير مٽي مان ڪيترن ئي ناليوارين شخصيتن جنم ورتو آهي. جن علم و ادب  شاعري توڙي فن ۾ اهم مقام ماڻيو آهي. اهڙين اعلي ا شخصيتن ۾  هڪ ناليوارو شاعر سائين عبدالحميد منتظر سومرو صاحب به هو. عبدالحميد ولد محمد ابراهيم سومرو، ويٺل ٽنڊو الهيار ضلعو حيدرآباد جو سنه 1915ع ۾ ڄائو . ست درجا سنڌي ۽ ڪجهه پارسي پڙهيو. پاڻ  واپار ڪري گذر سفر ڪندا هئا . شعر تي ننڍي هوندي کان طبع آزمائي ڪندو رهندو  هو ، ليڪن سندس ڪلام اشاعت هيٺ تمام گهٽ آيل آهي. ڪلام ۾ پنهنجو تخلص ”منتظر“ ڪم آندو اٿس.

ماضي قريب جي شاعرن مان هڪ عبدالحميد تخلص منتظر ” سومرو  جو خاص طور غزل ۾ ڀڙ هو. عبرت اخبار ۾ اڪثر غزل ڇپبا هئس. هتي هڪ مشاعري ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولي ا صاحب سميت ڪيترن شعر ۽ سخن جي صاحبن کان داد ۽ تحسين جون جھوليون ڀرجي مليس. خانداني اشراف ماڻهو هو. سندس ڀائر ۽ ڀائٽيا سرڪاري عهدن تي فائز رهيا. پر هي پنهنجي خوددار ۽ انا پسند سڀاء سبب سدائين اڪيلائي ۾ رهيو. مختلف قسم جون خانداني ملازمتون ڪيائين پر بزگير ٿيڻ جو ڏان نه آيس. تنهنڪري ڪٿي ٽڪي نه سگهيو. ڪٿي ڪنهن به موضوع تي ڪو بحث ڇيڙي ته ڏسو عبدالحميد منتظر جا وزندار وقتائتا دليل، چڱن چڱن دانائن کي بحث ۾ دسي رکندو هو. اوائلي زندگي ۾ مذهبي خيالن کان پري هو. . پر پوء اندر جو تاڪيون کليس ته رچي راس ٿي پيو. هتي ٽنڊي الهيار ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جو ههڙو عاشق ٻيو ڪون گذريو. حضور اڪرم ﷺ جن جو نالو ٻڌنديئي اکيون پاڻي مان ڀرجيو اچنس.  پاڻ نالو مبارڪ وٺي ته گلو ڀرجو اچيس. پوء ڪيترن تي ناستڪن کي سنئين راه تي آندائين ۽ سڀ ڪفارا ڏيئي ڇڏيائين. اڌ زندگي تجرد ۾ گذاريائين. حضور ﷺ جن جي شان ۾ ڪيتريون ئي مداحون، ۽ نعتون چيائين ۽ محفلن ۾ پڙهيائين. پنهنجو ڪلام ڳائي به ٻڌائيندو هو ۽ پنهنجو شعر ترنم سان پڙهندو هو. محفل ۾ رنگ رچي ويندو هو. 1976ع ۾ وفات ڪيائين.  1975ع  ڌاري مارڪيٽ ايريا ۾ ميمڻ پاڙي جي ڀرسان نواب جي اٽي جي چڪي ٿي ويهندو   دوستن جو ميڙو متل هوندو هئس. بهترين شخصيت هئا. سندن ڪلام جو مجموعو ته نه ملي سگهيو آهي. باقي ڪجھ شاعري حضور اڪرم ﷺ جن جي شان ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم ڪتاب ٽيھ اکريون ۾ تعارف سان  گڏ شايع ڪئي آهي. هتي ڪجھ سٽون لکجن ٿيون.

الف اعليٰ احسن و اطهر ﷴ مصطفيٰ ﷺ

امّتِ عاصي سندو آڌر ﷴ مصطفيٰ ﷺ

بي برابر برگزيده بي ريا بدر الدجيٰ،

باليقين بعد زخدا بهتر ﷴ مصطفيٰﷺ

تي تجلّي نور سان ٿي تلف تاريڪي تمام،

هر بشر توحيد ۾ ڪيو تر ﷴ مصطفيٰﷺ

ثي ثنا ثابت سراسر سيّد الثقلين جي،

آ سڳورو ساقيء ڪوثر ﷴ مصطفيٰﷺ

ڪتاب : اڳي ائين هياس

ليکڪ : فضل احمد بچاڻي

ڪتاب : ٽيھ اکريون

ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

نئين زندگي 1977

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!