Ahsan Faqeer Langha

احسان فقير لانگاھ بابت تسلي بخش احوال نٿو ملي. شاهه جي رسالي جي سُر ڪيڏاري ۾ سندس بيت ملن ٿا. 1920ع ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائيءَ، ’ڪيڏارو‘ نالي ڪتابڙي ۾ ڪن شاعرن جا بيت گڏ ڪيا، جن ۾ احسان فقير جا بيت پڻ شامل آهن. ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ پڻ شروعاتي صفحن ۾ سر ڪيڏاري تي بحث ڪندي سندس نالو ذڪر هيٺ آيو آهي.

احسان فقير لانگاھ

پيدائش

سيوهڻ

وفات

1897

ٽنڊو الهيار

شھرت جو ڪارڻ

سنڌي شاعري

هڪ روايت موجب احسان فقير لانگاهه، سيوهڻ جو ويٺل هو، جو پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو. نِيرَ جو ڪم ڪندو هو. مصري شاهه نصرپوريءَ سان سندس صحبت هئي. 1315هه/1897ع ۾ وفات ڪيائين.

احسان فقير جو ذڪر نامياري ليکڪ فضل احمد بچاڻي مرحوم پنهنجي ڪتاب “اڳي ائين هياس” ۾ به  ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!