Khalida Munir Sahiba
خالده منير صاحبہ ( نالی واری شاعرہ ء ادیبہ)
4 جون 1972 : جنم تاریخ
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ضلعي ٺٽي جي تاريخي شھر جھرڪ ڀرسان ڳوٺ راڄو نظاماڻي ۾ چار جون تي محمد عمر سمون جي گھر جنم وٺندڙ خالده منير، ٻالڪپڻ کان ئي انتھائي حساس طبيعت رکندڙ رھي آھي. ھن وقت سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو شاعري ۾ پاڻ ملھائيندڙ خالده منير پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري تعليم جھرڪ ۽ گريجوئشن ٺٽي ڪاليج مان مڪمل ڪئي. پاڻ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ دوران ئي پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم جي سھولت ميسر نـ ھجڻ سبب پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم جو آغاز ڪيو جنهن جي مڃتا طور سماجي اداري ھينڊز پاران کيس ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. پاڻ پنهنجي تعليم واري سفر دوران ئي امرتا پريتم، ساحر لڌيانوي، پروين شاڪر سميت مختلف شاعرن کان متاثر ٿي 1990ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. بعد ۾ گل منير ولھاري ۽ خطائي ٿيٻو جي رھنمائي ۾ سندس شاعري وڌيڪ پختگي حاصل ڪئي. سندس شاعري جا مرڪزي موضوع پورھيت جو پگھر، پيڙا ۽ سندس اڻھوند، عورتن سان صنفي متڀيڌ ۽ زيادتيون، ناانصافي، غربت سميت مختلف سماجي مسئلا رھندا آيا آھن. خالده منير جي سنڌي شاعري جي مجموعي ”تنهنجي شاعره“ کان علاوه انيڪ نظم، غزل، وايون، گيت، ڪالم، ڪتابن تي تبصرا ۽ شخصيتن جا پروفائل مختلف سنڌي توڙي اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن. شاعري جي باري ۾ خالده منير جي راءِ آھي تـ ”شاعري جذبن، اڌمن ۽ آرزوئن جي اظھار جو موثر ترين ذريعو آھي، ماڻھو جيڪا ڳالھ عام حالتن ۾ نٿو ڪري سگھي سا ڳالھ شعر ذريعي آساني سان اظھاري سگھجي ٿي. شاعري روح جي تسڪين ۽ اندر جي واچوڙن کي واٽون ڏيندڙ وسيلو بـ آھي تـ مڪان ۽ لامڪان جي ڳجھارتن کي سلجھائيندڙ جي واٽ بـ آھي، انڪري ئي شايد شاعري کي پيغمبري جو جز سمجھيو ويو آھي“. محبت جي باري ۾ خالده منير جو تصور آھي تـ ” محبت ئي زندگي جي اصل ميراث آھي، محبت کان عاري وجود پٿر جي بت کان وڌيڪ ڪجھ بـ اھميت نٿو رکي“. اياز گل، حليم باغي، ادل سومرو، محسن نقوي، استاد بخاري، امداد حسيني، طارق عالم ابڙو، علي بابا، قرت العين حيدر ۽ سعادت حسين منٽو خالده منير جا پسنديده اديب ۽ شاعر آھن ۽ ليڊي ڊائنا ۽ رسول بخش پليجو پسنديده عوامي شخصيتون آھن.
عورت جي وجود بابت خالده منير جي راءِ آھي تـ” عورت ڪائنات جي وجود جي اصل خوبصورتي ۽ واضح علامت آھي، حقيقي تخليق جي سگھ صرف عورت کی ئي حاصل آھي“. موجوده سرجندڙ ادب بابت خالده منير جو خيال آھي تـ ”سماج جي ترقي يا تنزلي پنهنجا پاڇا ۽ن عڪس ضرور وقت جي ورقن ۾ محفوظ ڪندي آھي، انهن آثارن جي حقيقي عڪاسي صرف ان وقت جو ادب ئي ڪري سگھي ٿو، ماضي بعيد کان ئي تاريخ جي پيچرن تي رھنمائي ۾ ان وقت جي ادب جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ھن وقت بـ دنيا ۾ سرجندڙ ادب ڪنهن نـ ڪنهن ريت نـ صرف سماج جي تصويرڪشي ڪندي نظر اچي پيو بلڪـ ساڳئي وقت اھو ادب محدود ئي سھي پر مثبت سماجي شعوري اڏاوت ۾ پنهنجو حصو پڻ شامل ڪري رھيو آھي“. ادب سان تعلق سان گڏ خالده منير سماجي تنظيم رورل ايرياز ڊويلپمينٽ آرگنائيزيشن جي چئرپرسن پڻ آھي جڏھن تـ ڪجھ عرصو پاڪستان پيپلز پارٽي جي عورتاڻي ونگ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري پڻ رھي ليڪن نظرياتي اختلافن سبب سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. ھن وقت خالده منير جي اردو ۽ سنڌي شاعري جا ٻـ الڳ الڳ ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آھن جيڪي جلد ڇپجي پڌرو ٿيندا. خالده منير 2007ع ۾ گل منير ولھاري سان شادي بعد عمرڪوٽ شھر ۾ پنهنجي ور ۽ پٽ عبدالله منير سان گڏ رھائش پذير آھي